پيٽروليم ليوي واپس ورتي وڃي، ڪاشف شيخ

پيٽروليم ليوي واپس ورتي وڃي، ڪاشف شيخ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته شهباز حڪومت اٽي ۽ کنڊ مافيا جي هٿن ۾ يرغمال بڻيل آهي يا وري انهن سان ملي ڀڳت ٿيل آهي. دولت گڏ ڪرڻ جي لالچ ۽ ناجائز منافعي خوري عوام جي زندگي زهر بڻائي ڇڏي آهي. هڪ حڪومتي وزير پاران کنڊ برآمد ڪرڻ باوجود مقامي مارڪيٽ ۾ قيمتون نه وڌڻ جي دعويٰ حقيقتن جي ابتڙ آهي. حڪومت هر سال ساڳي پاليسي اختيار ڪري ٿي ۽ پوءِ کنڊ جون قيمتون ٻيڻيون يا ان کان به وڌيڪ ٿي وڃن ٿيون. ساڳي صورتحال ڪڻڪ ۽ اٽي جي معاملي ۾ به آهي. پيٽروليم شين تي لاڳو ليوي حڪومت جو ڀتو ٽيڪس آهي، ان جي واپسي تائين سڄي ملڪ وانگر سنڌ ۾ به ڌرڻا ۽ احتجاجي ڪيمپون جاري رهنديون.اهڙن خيالن جو اظهار هن جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان جي هدايت تي پيٽروليم شين تي لاڳو حڪومتي ليوي ۽ ڀتا ٽيڪس خلاف ڪراچي جي گورنر هائوس سميت چئني صوبن ۾ جاري ڌرڻن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ لاڙڪاڻي ۾ لڳايل احتجاجي ڪيمپ تي موجود ڪارڪنن ۽ عوام کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي مقامي امير رميز راجا شيخ ۽ جنرل سيڪريٽري نعمت الله سيال پڻ خطاب ڪيو. صوبائي امير وڌيڪ چيو ته پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي ۽ ملڪ ۾ ڪڻڪ جي بمپر فصل ٿيڻ باوجود مافيا جي ذخيره اندوزي سبب اٽي جون قيمتون عام ماڻهو جي پهچ کان پري ٿينديون پيون وڃن، جيڪو حڪومتي ڪرپشن، نااهلي ۽ ناڪام پاليسين جو چٽو ثبوت آهي. موجوده وزيراعظم قوم آڏو دعويٰ ڪئي هئي ته اٽو سستو ڪرڻ لاءِ هو پنهنجا ڪپڙا به وڪڻي ڇڏيندو، پر اڄ عوام مهانگو اٽو حاصل ڪرڻ لاءِ پريشان آهي. عوام جو رت چوسڻ لاءِ آءِ ايم ايف سان حڪمران طبقو به گڏيل آهي، ڇاڪاڻ ته سڀني جا مفاد هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن. عوام جي ڏکن جو ازالو ڪرڻ وارو ڪو به ناهي. حڪمران عوام کي رليف ڏيڻ بدران هر روز نت نوان نوان ٽيڪس لاڳو ڪري سندن مشڪلاتن ۾ اضافو ڪري رهيا آهن. صرف جماعت اسلامي ئي پيٽروليم ليوي سميت سمورن ڀتو ٽيڪسن، مهانگائي ۽ عوام دشمن پاليسين خلاف ميدانِ عمل ۾ موجود آهي.صوبائي امير چيو ته پيٽروليم شين تي ڳري ليوي لاڳو ڪري حڪومت مهانگائي جو هڪ نئون طوفان کڙو ڪري ڇڏيو آهي. حڪومت کي گهرجي ته عوام تي وڌيڪ بار وجهڻ بدران شاهانه خرچن ۽ مراعات ۾ گهٽتائي ڪري، پيٽروليم ليوي واپس وٺي ۽ عوام کي حقيقي رليف فراهم ڪري. هوڏانهن جماعت اسلامي سنڌ پاران پيٽروليم ليوي خلاف احتجاجي سرگرمين جو سلسلو جاري آهي. اڄ مٺي، ميرپورخاص، ٽنڊوالهيار ۽ حيدرآباد ۾ احتجاجي ڪيمپون لڳايون ويون، جتي جماعت اسلامي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن عوام کي پيٽروليم ليوي ۽ مهانگائي خلاف جاري جدوجهد ۾ ڀرپور شرڪت جي دعوت ڏني.جماعت اسلامي ضلعي ٽنڊوالهيار پاران چمبڙ ناڪي تي احتجاجي ڌرڻو ڏنو ويو، جنهن ۾ جماعت اسلامي سنڌ جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري سهيل احمد شارق خاص شرڪت ڪئي ۽ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪيو. ان موقعي تي جماعت اسلامي ضلعي ٽنڊوالهيار جو قائم مقام امير رائو جاويد علي، عاشق حسين خانزادو، ديدار حسين بهراني، عبدالوحيـد سميت جماعت اسلامي جا ڪارڪن ۽ عوام جي وڏي انگ ۾ موجود هئا. ڌرڻي جي شرڪاءُ پيٽروليم ليوي ۽ حڪومت جي عوام دشمن پاليسين خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي مقررين چيو ته حڪومت عوام تي مهانگائي جو بار وجهڻ بدران پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪري ۽ پيٽروليم ليوي واپس وٺي، جيئن مهانگائي کان پريشان عوام کي حقيقي رليف ملي سگهي. عوام اڳ ئي مهانگائي، بيروزگاري ۽ ٽيڪسن جي بار هيٺ دٻيل آهي، وڌيڪ بار ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي. اڳواڻن واضح ڪيو ته پيٽروليم ليوي جي خاتمي ۽ عوام کي رليف ڏيڻ تائين احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويندو ۽ جماعت اسلامي سنڌ جي سمورن علائقن ۾ عوام جي حقن لاءِ پنهنجي جدوجهد کي وڌيڪ منظم ۽ اثرائتو بڻائيندي.#

پهنجو تبصرو موڪليو