خان جو علاج عدالتي حڪم موجب ڪرائڻ بابت ڪي پي اسمبلي جو متفقه ٺهراءَ

خان جو علاج عدالتي حڪم موجب ڪرائڻ بابت ڪي پي اسمبلي جو متفقه ٺهراءَ

پشاور(ويب ڊيسڪ)خيبر پختونخوا اسيمبلي سومر تي اتفاق راءِ سان هڪ ٺهراءُ پاس ڪيو، جنهن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني عمران خان جي صحت بابت ڳڻتي جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته کيس طبي علاج لاءِ الشفا اسپتال منتقل ڪيو وڃي.
ٺهراءُ ۾ اهو پڻ مطالبو ڪيو ويو ته عمران خان جي ذاتي ڊاڪٽرن کي باقاعدگي سان سندس طبي معائنو ڪرڻ ۽ علاج فراهم ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، جيئن سندس صحت جي مسلسل ۽ مؤثر نگراني ٿي سگهي.
عمران خان جي صحت بابت بحث دوران حڪومتي ڌر جي ميمبرن عبدالڪلام آفريدي، فضل الاهي، شفيع الله ۽ ملڪ عادل، گڏوگڏ سجاد برڪوال چيو ته سپريم ڪورٽ تازو ئي عمران خان کي الشفا اسپتال منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، پر وفاقي حڪومت عدالت جي فيصلي تي عمل نه ڪيو آهي.
هنن چيو ته عدالتي حڪم تي عمل نه ڪرڻ سان اهو تاثر پيدا ٿئي ٿو ته ملڪ ۾ جهنگ جو قانون هلي رهيو آهي. هنن عدليه تي زور ڏنو ته معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي ۽ ضرورت پوڻ تي عدالت جي توهين جون ڪارروائيون شروع ڪري.
اڳوڻي اسپيڪر مشتاق غني اسيمبلي ۾ اهو ٺهراءُ پيش ڪيو. ٺهراءُ ۾ عمران خان جي صحت بابت سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته کيس سندس ذاتي ڊاڪٽرن جي نگراني هيٺ مڪمل طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ۽ جامع علاج لاءِ الشفا اسپتال ۾ داخل ڪيو وڃي. اسيمبلي وفاقي حڪومت ۽ لاڳاپيل اختيارين کان اهو به مطالبو ڪيو ته عمران خان کي پنهنجي خاندان سان باقاعدگي ۽ بنا ڪنهن رڪاوٽ جي ملاقات ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، جيئن سندس مائٽ سندس صحت ۽ خيريت بابت باخبر رهي سگهن.
اسپيڪر منظوري لاءِ ٺهراءُ ايوان آڏو رکيو، جنهن جي حڪومتي ۽ مخالف ڌر ٻنهي جي ميمبرن حمايت ڪئي. ان کان پوءِ ٺهراءُ متفقه طور تي منظور ڪيو ويو.
مالي ذميواري بابت قانون ۾ ترميم
اسيمبلي صوبي جي مالي ذميواري واري قانون ۾ به ترميمون منظور ڪيون آهن، جن ذريعي مالي نظم و ضبط، قرضن جي انتظام ۽ مالي شفافيت لاءِ وڌيڪ سخت قدم متعارف ڪرايا ويا آهن.
ايوان لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي جي منظوري کان پوءِ فِسڪل رِسپانسبلٽي اينڊ ڊيٽ مينيجمينٽ (ترميمي) بل 2026 منظور ڪيو. صوبائي قانون واري وزير افتاب عالم بل اسيمبلي ۾ پيش ڪيو، جنهن کي بعد ۾ ايوان منظور ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو