پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه حڪومت بي آر ٽي پشاور لاءِ 2.139 ارب رپين جون 50 وڌيڪ بسون خريد ڪيون آهن.خيبر پختونخواهه حڪومت پاران خريد ڪيل 50 نئين بسن مان، ايندڙ مرحلي ۾ 27 وڌيڪ بسون پشاور پهچنديون، جن مان 2 بسون ڪمپني پاران تحفي ۾ ڏنيون ويون آهن.بي آر ٽي بسن جو تعداد 244 کان وڌي 269 ٿي ويو آهي، جڏهن ته سڀني نئين بسن جي اچڻ کان پوءِ، بي آر ٽي بسن جو ڪل تعداد 296 ٿي ويندو.ٽرانس پشاور موجب، موجوده 244 بي آر ٽي بسن مان، 5 بسون عورتن لاءِ مخصوص ڪيون وينديون، انهن گلابي بسن جي روٽس بابت تفصيل پڻ جلد مڪمل ڪيا ويندا.ٽرانس پشاور موجب، بي آر ٽي بسن جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ، صوبائي حڪومت کي 100 بسون خريد ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي هئي، جن ۾ 50 ڊيزل هائبرڊ ۽ 50 اليڪٽرڪ بسون شامل آهن.صوبائي ڪابينا جي منظوري کان پوءِ، پهرين مرحلي ۾ 50 ڊيزل هائبرڊ بسون خريد ڪرڻيون هيون، جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ 50 اليڪٽرڪ بسون خريد ڪيون وينديون.ٽرانس پشاور جي مطابق، بسن جي خريداري جي ڪل قيمت جو اندازو 3.2 ارب رپيا لڳايو ويو هو.










