ڪراچي: اورنگي ٽائون ۾ عوامي تشدد ۾ هڪ ڦورو مارجي ويو

ڪراچي: اورنگي ٽائون ۾ عوامي تشدد ۾ هڪ ڦورو مارجي ويو

ڪراچي )اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي اورنگي ٽائون سيڪٽر 13 ڊي ۾ عوامي تشدد ۾ هڪ ڌاڙيل مارجي ويو.پوليس موجب، ٻه ڌاڙيل هڪ شهري کي ڦرڻ کان پوءِ ڀڄي رهيا هئا. انهن جو پيڇو ڪرڻ کان پوءِ، شهرين هڪ ڌاڙيل کي پڪڙيو ۽ ان تي تشدد ڪيو، پوءِ ان کي گولي هڻي ماري ڇڏيو، جڏهن ته ٻيو فرار ٿي ويو.ٻئي طرف، ڪورنگي ڪاز وي ندي جي ويجهو هڪ مبينا پوليس مقابلي ۾ هڪ جوابدار به مارجي ويو.ان کان علاوه، گلشن حديد گبول گوٺ ۾ فائرنگ ۾ هڪ شخص مارجي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو