اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي جسٽس عائشا ملڪ کي آسٽريا جي شهر ويانا ۾ منعقد ٿيل جسٽيا ايوارڊز 2026ع ۾ انٽرنيشنل ليڊر/لائيف ٽائيم ايوارڊ سان نوازيو ويو آهي.
هي معزز ايوارڊ قانون ۽ انصاف جي ترقيءَ لاءِ سندس نمايان خدمتن، برابري، انساني حقن ۽ قانوني پيشي توڙي انصاف جي ادارن ۾ عورتن جي بامعنيٰ شرڪت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سندس مسلسل ڪوششن جي اعتراف طور ڏنو ويو.
مختلف ملڪن ۽ قانوني نظامن سان تعلق رکندڙ ججن، وڪيلن ۽ قانوني ماهرن جي موجودگيءَ ۾ ڏنل هن اعزاز ذريعي ان وسيع اهميت کي پڻ تسليم ڪيو ويو ته عورتن جو اهڙن عهدن تي فائز ٿيڻ ضروري آهي، جتان اهي قانوني سوچ، ادارتي طريقه ڪار ۽ قانون جي ترقيءَ تي اثرانداز ٿي سگهن.
ويانا جي دوري دوران جسٽس عائشا ملڪ وومين اِن لا ڪانفرنس 2026ع ۾ پڻ شرڪت ڪئي، جتي هن ”برابري ۽ عورتن جي حقن کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ روڊ ميپ“ جي عنوان سان ٿيندڙ اجلاس کي خطاب ڪيو.
پنهنجي پيشوراڻي سفر تي روشني وجهندي، جيڪو 2012ع ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ سندس مقرري کان شروع ٿيو ۽ 2022ع ۾ سپريم ڪورٽ جي پهرين عورت جج بڻجڻ تائين پهتو، هن عورت جج طور خدمتون انجام ڏيڻ دوران پيش ايندڙ چئلينجن ۽ موقعن تي خيالن جو اظهار ڪيو. هن قانوني سوچ ۽ عدالتي عمل ۾ صنفي نقطه نظر کي شامل ڪرڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو.
جسٽس عائشا ملڪ چيو ته برابريءَ جي جستجو رڳو قانون ۾ ڏنل رسمي ضمانتن تائين محدود نه هئڻ گهرجي، پر انهن حالتن کي پڻ نظر ۾ رکڻ گهرجي، جن ۾ عورتون قانون کي محسوس ۽ استعمال ڪن ٿيون.
هن زور ڏنو ته قانوني اصولن ۽ عدالتي ادارن کي عورتن جي حقيقي زندگيءَ جي تجربن ۽ مسئلن کي اثرائتي نموني سمجهڻ ۽ انهن جو جواب ڏيڻ گهرجي. هن انصاف جي نظام اندر وقار، برابري ۽ عورتن سان ورتاءَ بابت پنهنجي عدالتي فيصلن جي مختلف پهلوئن جو پڻ حوالو ڏنو.
هي ايوارڊ جسٽس عائشا ملڪ جي عدالتي خدمتن جو فخر جوڳو اعتراف آهي ۽ عالمي قانوني برادريءَ ۾ پاڪستان جي وڌندڙ نمائندگي ۽ وقار جي عڪاسي پڻ ڪري ٿو.
پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ وومين اِن لا مهم هن ايوارڊ کي پاڪستان لاءِ ”فخر جو لمحو“ قرار ڏنو.
ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي پوسٽ ۾ اداري ٻڌايو ته جسٽس عائشا ملڪ جسٽيا ايوارڊ حاصل ڪندڙ ٽين پاڪستاني عورت بڻجي وئي آهي، جڏهن ته ٽنهي پاڪستاني عورتن کي مختلف ڪيٽيگرين ۾ ايوارڊ ڏنا ويا آهن.
انهن ۾ جسٽس عائشا ملڪ کي انٽرنيشنل ليڊر/لائيف ٽائيم ايوارڊ، انساني حقن جي سرگرم ڪارڪن جليلا حيدر کي 2023ع ۾ انٽرنيشنل گيم چينجر ڪيٽيگري ۽ وڪيل ندا عثمان چوڌري کي انٽرنيشنل اڪيڊميا ڪيٽيگري ۾ ايوارڊ ڏنو ويو.










