وڏي وزير جي عالمي بينڪ سان ڀائيواري مضبوط بڻائڻ جو عزم

وڏي وزير جي عالمي بينڪ سان ڀائيواري مضبوط بڻائڻ جو عزم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ عالمي بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر محترمه بولورما امگابازار سومر ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ اعليٰ سطحي پورٽ فوليو جائزي واري اجلاس جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ صوبي اندر عالمي بينڪ جي مالي سهڪار سان هلندڙ ترقياتي منصوبن جي عملدرآمد جي صورتحال، مالي اڳڀرائي، خريداري جي سرگرمين ۽ درپيش چيلينجز جو جائزو ورتو ويو۔ اجلاس ۾ 12 سرگرم آپريشنز جو جائزو ورتو ويو، جن ۾ 11 انويسٽمينٽ پروجيڪٽ فنانسنگ منصوبا ۽ هڪ پروگرام فار ريزلٽس آپريشن شامل آهن جن جي گڏيل سيڙپڪاري 3.849 ارب ڊالر آهي۔ ان رقم مان 2.334 ارب ڊالر جاري ڪيا ويا آهن، جڏهن ته 1.571 ارب ڊالر اڃا جاري ناهن ٿيا۔ شريڪ اڳواڻن منصوبن جي مالي ۽ پروڪيورمينٽ ڪارڪردگي جو پڻ جائزو ورتو جنهن ۾ سال 27-2026 لاءِ 381.2 ملين ڊالرن جو فنڊ جاري ڪرڻ جو هدف شامل هو جنهن کي وڌائي 434.2 ملين ڊالرن تائين پهچائڻ جو وڏو هدف رکيو ويو هو جڏهن ته هيستائين عملي طور تي 43.2 ملين ڊالر جاري ڪيا ويا آهن۔ وڏي وزير مراد علي شاهه پنهنجي حڪومت جي ان عزم کي ورجايو ته هو عالمي بينڪ سان گڏجي ويجهڙائي سان ڪم ڪندي منصوبن تي عملدرآمد کي تيز ڪندا، انتظامي ۽ مالي رڪاوٽن کي ختم ڪندا ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندا ته ترقياتي سيڙپڪاري عوامي خدمتن جي بهتري ۾ تبديل ٿئي۔ هن زور ڏنو ته لاڳاپيل کاتن ۽ منصوبي جي ٽيمن کي ٻڌل معاملن جي ذميواري کڻڻي پوندي، پاڻ ۾ رابطا مضبوط ڪرڻا پوندا ۽ طئي ٿيل وقت جي پابندي ڪرڻي پوندي۔ ڪراچي پاڻي ۽ صفائي سٿرائي: ڪراچي جي پاڻي ۽ نيڪال جي خدمتن جي بهتري جو ٻيو منصوبو (KWSSIP-2)، جيڪو 240 ملين ڊالرن جو آهي ان جو جائزو ورتو ويو جنهن ۾ خاص طور تي K-IV سان لاڳاپيل سهولتن تي ڌيان ڏنو ويو۔ جائزي ۾ چيو ويو ته لاڳاپيل سهولتن لاءِ ماحولياتي ۽ سماجي دستاويز تيار ڪري عالمي بينڪ کي منظوري لاءِ موڪليا ويا آهن جڏهن ته ضابطن جي نگراني جو عمل جاري آهي۔ K-IV جي توسيع واري بحالي واري ايڪشن پلان جو ٻيهر تصديقي سروي جلد شروع ٿيڻ وارو آهي۔ معاهدي تي 5 ڊسمبر تي صحيح ٿيڻ جي اميد آهي، جڏهن ته آدمشماري ۽ سروي 21 ڊسمبر 2026 کان 20 فيبر 2027 تائين پلان ڪيو ويو آهي۔ اجلاس ۾ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جي مالي ۽ آپريشنل سڌارن جو به جائزو ورتو ويو۔ ڪجهه ريگوليٽري قدمن جي منظوري ڏني وئي آهي جڏهن ته ٻيا جنهن ۾ سروس ۽ گندي پاڻي کي ري سائيڪل ۽ ٻيهر استعمال ڪرڻ وارا ضابطا شامل آهن، اڃا تائين التوا ۾ آهن۔ پاڻي ۽ نيڪال جي خدمتن جي بهتري جو پهريون منصوبو (KWSSIP)، جيڪو بند ٿي چڪو آهي ان جي باقي رهيل ڪمن جو به جائزو ورتو ويو۔ ڌابيجي رائزنگ مين جي درستگي جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي ۽ ڪلورينيشن اسٽيشنن کي ٻي جاءِ تي منتقل ڪري، چالو ڪري KW&SC حوالي ڪيو ويو آهي۔ پاڻي جي معيار جي جانچ جو ٻيو مرحلو جاري آهي جڏهن ته سوبا نگر ۽ عيسيٰ نگري ۾ پاڻي ۽ صفائي جا ڪم بالترتيب 15 نومبر ۽ 31 ڊسمبر تائين مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي۔ ڪسٽمر سروس سينٽرز نومبر جي آخر تائين افتتاح لاءِ تيار آهن۔ ڪراچي موبلٽي ۽ سڪل ڪچري جو انتظام: ڪراچي موبلٽي پروجيڪٽ جنهن ۾ يلو بس ريپڊ ٽرانزٽ (BRT) ڪوريڊور ۽ ان سان لاڳاپيل روڊن جو بنيادي ڍانچو شامل آهي ان جو جائزو ورتو ويو جنهن ۾ خاص طور تي ڄام صادق پل ۽ بس ڊيپوز تي ڌيان ڏنو ويو۔ نئين تعمير ٿيل تاج حيدر پل کي آڪٽوبر 2025 ۾ ٽرئفڪ لاءِ کوليو ويو هو جڏهن ته پراڻي پل کي ڊاهڻ جو ڪم جاري هو۔ پل جي منصوبي جي مجموعي جسماني اڳڀرائي رٿيل 92.7 سيڪڙو جي مقابلي ۾ 73.9 سيڪڙو هئي جنهن جي تڪميل 29 مارچ 2027 تي ٿيڻي آهي۔ يلو ڪوريڊور جي ٻن بس ڊيپوز تي ڪم مختلف مرحلن ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي۔ ڊيپو-1 رٿيل 93.6 سيڪڙو جي مقابلي ۾ 17.57 سيڪڙو اڳڀرائي حاصل ڪئي آهي جڏهن ته ڊيپو-2 رٿيل 100 سيڪڙو جي مقابلي ۾ 46.66 سيڪڙو اڳڀرائي حاصل ڪئي آهي۔ بي آر ٽي ڪوريڊور جي پيڪيجز لاءِ خريداري جو عمل به اڳتي وڌي رهيو آهي: پيڪيج 3B لاءِ ڳالهيون شروع ٿي چڪيون آهن، جڏهن ته پيڪيج 3A لاءِ مالي آڇن جو گڏيل جائزو جاري هو۔ فيز-II جي ٻن حصن واري پيڪيج لاءِ ٽيڪنيڪل آڇون کوليون ويون آهن ۽ اهي جائزي هيٺ آهن۔ سڪل ڪچري جي هنگامي ۽ ڪارائتي منصوبي (SWEEP) جو جائزو ورتو ويو جنهن تحت 19 آڪٽوبر تي ڄام چڪرو لينڊ فل جي سيل-1 ۾ آپريشنز جو آغاز ڪيو ويو آهي۔ لينڊ فل جا باقي سيلز آخري مرحلي ۾ آهن ۽ پوري لينڊ فل سائيٽ جي تڪميل 30 نومبر تائين متوقع آهي۔ شريفي ڳوٺ، امتياز ۽ گٽر باغيجا ۾ ڪچري جا ٽي منتقلي اسٽيشن پڻ ساڳي تاريخ تائين مڪمل ٿيڻ ڏانهن وڌي رهيا آهن۔ لينڊ فل جي آپريشنز پلان جي منظوري ڏني وئي آهي، جڏهن ته گاربيج ٽرانسفر اسٽيشن جي آپريشنز پلان ۽ واپرائيندڙن جي فيس جمع ڪرڻ جي تجويز اڃا التوا ۾ آهن۔ صحت جا منصوبا: سنڌ انٽيگريٽيڊ هيلٿ اينڊ پاپوليشن پروجيڪٽ (SIHPP)، جيڪو 196.7 ملين ڊالرن جو آهي، ان جو تفصيلي جائزو ورتو ويو۔ هن منصوبي ۾ سول ورڪس جا نو معاهدا آهن، جيڪي سڀئي صحيح ڪيا ويا آهن ۽ تعميراتي سرگرميون جاري آهن۔ صوبي ۾ صحت جي سهولتن جي ٻيهر تعمير ۽ بحالي پڻ بحث هيٺ آئي۔ 12 تعصيلي هيڊ ڪوارٽر (THQ) اسپتالن جي ٻيهر تعمير ۾ ٻڌايل دير جا سبب سائيٽس جو دير سان حوالي ٿيڻ، وڻن جي ڪٽائي ۽ صفائي جا معاملا، بجلي جي ٿنڀن جي منتقلي ۽ ٽي ايڇ ڪيو ڊپلو ۾ جڳهه سان لاڳاپيل پيچيدگيون آهن۔ انهن 12 سهولتن جي مجموعي تڪميل سيپٽمبر 2027 تائين متوقع آهي۔ 104 ايمبولينسز جي خريداري جو ڪم به اڳتي وڌي رهيو آهي۔ معاهدي تي 1 جنوري 2027 تائين صحيح ٿيڻ جي اميد آهي۔ اجلاس ۾ غذائيت جي مداخلت جو به جائزو ورتو ويو جنهن ۾ سامان جي خريداري لاءِ سنڌ حڪومت ۽ يونيسيف (UNICEF) جي وچ ۾ صحيح ٿيل ايم او يو (MoU) شامل آهي۔ پاڻي جا وسيلا، آبپاشي ۽ زراعت: سنڌ واٽر اينڊ ائگريڪلچر ٽرانسفارميشن پروجيڪٽ (SWAT) جيڪو 292 ملين ڊالرن جو آهي ان جو جائزو اڪرم واهه جي بحالي، پاڻي جي وسيلن جي انتظام ۽ زرعي سهڪار تي ڌيان ڏيندي ورتو ويو۔ سڀ کان وڌيڪ فائديمند ٻولي ڏيندڙن سان اڪرم واهه جي بحالي لاءِ ٿيل ڳالهين جي نتيجي ۾ ٻولي جي قيمتن ۾ اٽڪل 2 ارب رپين جي گهٽتائي ٿي هئي پر تنهن هوندي به سيڊا (SIDA) ٽينڊرنگ جي عمل کي رد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ عالمي بينڪ کي فنڊنگ تي ٻيهر غور ڪرڻ ۽ نئين خريداري جي اجازت ڏيڻ جي درخواست ڪئي۔ ان تي عالمي بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر چيو ته بينڪ جلد جواب ڏيندي۔ زرعي ٻوڏ جي هنگامي بحالي واري حصي تحت 249,861 هارين کي ادائگيون مليون آهن ۽ ادائگي جو اهو عمل جون 2026 ۾ مڪمل ٿيو هو۔ منصوبي ۾ سنڌ اسٽريٽيجڪ واٽر پلان جي تياري ۽ پاڻي جي شعبي ۾ سڌارن تي اڳڀرائي پڻ شامل آهي، جڏهن ته واٽر بل جو مسودو منظوري جي عمل هيٺ آهي۔ سنڌ بئراجز امپروومينٽ پروجيڪٽ، جنهن ۾ گڊو ۽ سکر بئراجن جي بحالي ۽ بهتر آپريشن شامل آهن ان تي پڻ بحث ڪيو ويو۔ پروجيڪٽ ٽيم عالمي بينڪ سان گڏ هڪ اپڊيٽ ٿيل آپريشنز اينڊ مينٽيننس اسڪور ڪارڊ تيار ڪري شيئر ڪيو آهي۔ پر تنهن هوندي به هدف رکيل پونڊ ليول جي نوٽيفڪيشن ۽ مٽي جي صفائي تي عملدرآمد ۾ اڃا تائين دير آهي۔ آبپاشي کاتو بئراج مئنيجمينٽ يونٽ کي مضبوط ڪرڻ ۽ مالي انتظاميا توڙي عملي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ پڻ ڪم ڪري رهيو آهي۔ تعليم ۽ سماجي تحفظ : سنڌ ارلي لرننگ اينهانسمنٽ ٿرو ڪلاسروم ٽرانسفارميشن منصوبي (SELECT) جو جائزو اسڪولن جي بنيادي ڍانچي، استادن جي تربيت ۽ تعليمي نظام جي سڌارن تي ڌيان ڏيندي ورتو ويو۔ 295 هدف رکيل اسڪولن مان 190 ۾ سول ورڪس مڪمل ٿي چڪا آهن جڏهن ته 140 اسڪول فرنيچر سميت باضابطه طور تي حوالي ڪيا ويا آهن۔ باقي رهيل 105 اسڪول مرحليوار حوالي ڪرڻ لاءِ شيڊول آهن: 42 نومبر ۾، 48 ڊسمبر 2026 ۾ ۽ 15 جنوري 2027 ۾۔ فرنيچر جي باقي پهچائڻ ۽ لڳائڻ جو ڪم فيبروري 2027 تائين مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو