طفيل مگسي
سنڌ جي عظيم تهذيب موهن جو دڙو ۽ سنڌ جو صدين کان سڃاڻپ بڻيل سنڌو درياھ جي ويجهو،بکو ديرو نالي ڳوٺ ۾ جنم وٺندڙ حيدر بخش جتوئي سنڌ جو هڪ لازوال۔بي مثال ۽ مرد مجاهد انسان هو۔سندس ننڍپڻ جيتوڻيڪ ماء جي چانو۽ شفت کان محروم رهيو هو۔مگر پوء به سندس پرورش ۽ تربيت اهڙي ٿي جو هو سڄي سنڌ ۾ باباء قوم جي طور تي سڏجڻ لڳو۔هن کي 11سالن جي عمر ۾ اسڪول ۾ داخلا وٺرائي وئي،جيڪو سندس ڳوٺ کان ڪجھ ميل پري واقعي ڳوٺ”پٺاڻ “۾ هو۔چيو وڃي ٿو ته هڪ ڀيري جڏهن لاڙڪاڻي جو ڊپٽي ڪمشنر اسڪول جي وزٽ جي لاء آيو ته هو حيدربخش جتوئي کان ايترو متاثر ٿيو ته هن سندس والد سان ملاقات جي خواهش ڪئي۔
جڏهن سندس والد سان ملاقات ٿي ته ڊپٽي ڪمشنر هن جي(والد ) کي مشورو ڏنو ته ”پنهنجي فرزند کي اعلي تعليم ڏيارجو چاڪاڻ ته هو ڏاڍو ھوشيار ۽ وڏي صلاحيت جو مالڪ آهي“شروعاتي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوء سنڌ مدرست الاسلام ڪراچي ۾ داخل ٿيو،جتي بهترين نمبرن ۾ ايندو رهيو ۽ ڏهين جماعت ۾ سڄي سنڌ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي۔
1922ء ۾ هن بمبئي يونيورسٽي کان گريجويشن ڪئي ۽ 1923ء ۾ آنرز ڪيائين۔بعد ۾ هو سرڪاري ملازمت سان ڳنڍجي ويو ۽ ڊپٽي ڪمشنر جي عهدي تائين پهتو۔1943ء ۾ حيدر بخش جتوئيء سرڪاري ملازمت کان موڪلايو ۽ هارين جي تحريڪ ۾ شامل ٿي ويو۔1946ء ۾ هو سنڌ هاري ڪميٽي جو صدر چونڊيو۔1950ء ۾ هاريء ڪائونسل هن جي ترتيب ڏنل آئين کي منظور ڪري ورتو ۽ ساڳئي سال سندس جدوجهد جي بدولت سنڌ حڪومت زراعت جو قانون منظور ڪري چڏيو۔حيدربخش جتوئي سنڌ جي هارين جي حقن جي بحالي واري جدوجهد ۾ ست سال جيل ۾ پڻ گذاريا۔حيدر بخش جتوئي هڪ اعلي پايي جو شاعر به هو۔برصغير پاڪ وهند جي آزادي واري جدوجهد تي لکيل هن جي شاعري جيڪا قوم جي آزادي جي نالي تي شايع ٿي۔سندس ٻين ڪتابن ۾ دريا شاه۔تحفه سنڌ۔هاري گيت“ هاري انقلاب ۽ سنڌ پياري شامل آهن۔1969ء۾ هن تي اڌرنگ جو حملو ٿيو۔جنهن کانپوء هو فراموش ٿي ويو۔
23سالن جي عمر ۾ هن شادي ڪئي ۽ سڄي زندگي زال ۽ اولاد جو عاشق رهيو۔شادي جي شروعاتي ڏهاڙن ۾ جڏهن اولاد کان محروم رهيو ته والد ٻي شادي جو چيائينس۔مگر حيدربخش نه مڃيو۔ڪجھ سالن کانپوء هن کي هڪ پٽ ڄائو۔انهيء کانپوء الله تعالي وڌيڪ پٽن سان نوازش۔جن جا نالا مظهر علي۔دادن۔حاتم ۽ مرتضي هئا۔هن کي ڌيئر جو اولاد نه هو۔جنهن جي هن کي شديد سڪ هئي۔سنڌ هاري ڪميٽي :هن کي هارين ۽ پوکي راهي ڪندڙ پورهيتن جي حالت تي ڏاڍو ڏک ٿيندو هو۔هن محسوس ڪيو ته هو پنهنجي ملازمت جي دوران هارين جي لاء ڪجھ نٿو ڪري سگهي ته هن ملازمت کان استعيفي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ته جيئن هارين جي حالت بدلائي ۽ بهتر بنائڻ جي لاء وڌ کان وقت ڏئي سگهي۔جڏن مختيارڪار جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيو هو تڏهن به ملازمت کان استعيفي پش ڪيائين مگر والد ۽ ضلع ڪليڪٽر جي چوڻ تي استيعفي واپس ورتائين۔بعد ۾ 1945ء۾ ڊپٽي ڪليڪٽر جي حيثيت سان استيعفي ڏئي ڪري”سنڌ هاري ڪميٽي“ سان لاڳاپجي ويو۔1946ء ۾ سنڌ هاري ڪميٽي جو صدر چونڊيو ۽ ڪجھ عرصو چڏي ڪري پنهنجي وفات تائين ساڳيئي عهدي تي ڪم ڪندو رهيو۔
سياسي سفر جي شروعات:حيدربخش پنهنجي سياسي سفر جي شروعات انڊين نيشنل ڪانگريس۔ٿيوسوفيڪل سوسائٽي ۽ ڪميونسٽ پارٽي هندستان جي هڪ ميمبر جي حيثيت سان ڪئي۔هو ڪميونسٽ پارٽي جو وفادار ميمبر هو۔ليڪن حڪمت عملي جي مامرن ۾ کليل رهيو۔سدائين روداري۔آزاد خيالي ۽ ڪشادي فهم و فڪر جو مظاهرو سياسي پاليسيز ۽ مذهبي فلسفياڻي سوچ جي تحت ڪيو۔هن جو خيال هو ته ائين ڪرڻ ئي مناسب آهي۔هو انهن روايتي سڌارن جي جيڪي سر راجر ٿامس(Sir Rojer Thomas) ڪميٽي هاري قانونن تي لاڳو ڪيا هئا۔سخت خلاف هو۔ان جو خيال هو ته سر راجر ٿامس پاڻ ذميندار هو۔ان لاء هن هارين کي مالڪاڻا حق ڏيڻ جي صورت ۾ سنڌ ۾ سياسي افراتفري پکيڙجڻ جي ڳالھ ڪئي هئي۔جيڪو هاري قرضن جي ادائيگي ۾ ناڪام رهيو۔انهيء تي صرف سول ڪورٽ ۾ ڪيس ڪري پئي سگهبو هو،ليڪن سر راجرٿامس رٿ ڏني هئي ته ان قسم جي سوچ کي ڏوهاري ڪيسن جي حيثيت ڏئي ڪري سزا ڏني وڃي۔هن ۾ قيد به شامل هئي۔جڏهن انهن رٿن تي اختلاف ٿيو ته سر راجر ٿامس رٿ ڏني ته ان سلسلي ۾ پنجن فردن جي ڪميٽي ٺاهي وڃي۔هن ۾ ٻه هاري هجن۔جن جي مقرري ڪليڪٽر ڪئي هجي۔ٻه زميندار هجن ۽ ٽيون شخص مختيار ڪار هجي۔اها به رٿ ڏني وئي هئي ته جيڪڏهن ڪنهن هاري ڪو غير قانوني ڪم ڪيو۔ته انهيء کي سندس حقن کان محروم ڪري سگهجي۔ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جو چوڻ هو ته”اسا تيار هئاسين ته هڪ طرفي بي انصافي کي برداشت ڪري وٺنداسين۔ليڪن ان شرط تي ته زميندار جي لاء به ساڳيو قانون هجي۔
1950ء ۾ تعلقي ڏوڪري ۾ هارين جي جنرل ميٽنگ گهرائي وئي ته هارين وياج جي هڪ نئي شڪل”ٻول“ جي خلاف شڪايت ڪئي هئي۔ان وياج جي طريقي ۾ هاري۔شاهوڪار کان قرض وٺي سگهندو هو۔جنهن وياج جي شرح عام شرح کان وڌيڪ هوندي هئي۔گهربل ان جي قيمت في مڻ ڏھ روپيا هوندي هئي۔ليڪن هاري ان کي روڪ رقم جي ادا ڪرڻ تي ٽن مهينن جي قرض جي شرح 6مڻ روپيا وٺي سگهندو هو۔ليڪن اهو ٻج جي موسم جي دوران ٿيندو هو۔درست معني ۾ ان حالت ۾ وياج جي شرح هر مهيني في سيڪڙو وڌيڪ ٿيندي هئي۔ڪامريڊ جتوئي هارين کي چيو ته اها رقم ڪيش جي صورت ۾ بلڪل ساڳئي ريت شاهوڪارن کي ڏين۔جهڙي ريت هن 3 مهينا حاصل ڪئي هئي۔
1950ء ۾ تعلقي ڏوڪري جي انهيء ميٽنگ ۾ ۾ شاهوڪار به موجود هئا۔ته هنن دانهون ڪيون ته ڪامريڊ جتوئي ”ٻول نظام“ جي خلاف وعدي خلافي جي حوصلي افزائي نه ڪري۔ليڪن۔نيٺ پچاڙي ۾ ”ٻول نظام “ جي خلاف هارين متحد ٿي ڪري سنڌ ۾ جدوجهد ڪئي ۽ ان جو خاتمو ڪري چڏيائون۔
خطرناڪ ماڻهو:جڏهن صدر ايوب خان حيدرآباد جو دورو ڪيو ته قاضي محمد اڪبر هن کي جتوئي صاحب جي آزادي جي لاء راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي۔جنهن تي صدر ايوب چيو” حيدر بخش جتوئي هڪ نهايت خطرناڪ ماڻهو آهي۔هن کي ڪهڙي ريت آزاد ڪري سگڀجي ٿو؟”باوجود ان جي حيدربخش جتوئي اعلان تاشقند تي ان قدر خوش هو ته فوري طور تي ايوب خان کي مبارڪباد جي تار موڪلي۔جڏهن چين جو وزيراعظم جون۔اين لائي ڄامشورو سنڌ جو دورو ڪيو ته ڪامريڊ جتوئي سان به ان جو تعارف ڪرايو ويو۔
چو اين لائي هن کي ڀاڪر پائى چيو ” اهو اهڙو رستو آهي جنهن تي هلي ڪري ٻن هاري اڳواڻن کي ملڻ گهرجي“جڏهن هو اٽڪ جيل کان آزاد ٿيو ۽ ريل گاڏي جي وسيلي حيدرآباد پهتو ته هڪ هيرو جيان هن جو استقبال ڪيو ويو۔هن کي جلوس جي صورت ۾ گهر تائين آندو ويو۔جتي هن خطاب ڪندي چيو”جيڪڏهن مون وٽ هزار زندگيون هجن ها ته سڀ سنڌ جي لاء قربان ڪري چڏيان۔“هن جدوجهد جاري رکڻ جي لاء پنهنجي زمين جو ڪجھ حصو۔زال جا زيور ۽ ٻيون شيون وڪرو ڪري چڏيون هيون۔
شاعر:جڏهن هو بدين ۾ مختيار ڪار هو ته هن پنهنجي سنڌي شاعري جو مجموعو” تحفه سنڌ“ جي نالي سان شايع ڪرايو۔65صفحن جي انهيء مجموعي ۾ نظم”دريا شاه“ ۽ “شڪوه “ به شامل آهن۔جن جو انگريزي ۾ ترجمو به ٿيو۔ ”دريا بادشاه“ ۾ سنڌ درياه کي خراج تحسين يش ڪيو ويو۔ ۽ انهيء نظم کي سنڌ ۾ لافاني حيثيت حاصل آهي۔946ء ۾ هن پنهنجي شاعري جو ٻيو مجموعو ”آزادي قوم“ شايع ڪرايو۔اهو ڊگهو نظم “مخفس“يعني پنجن بندن تي مشتمل آهي ۽ ان جو موضوع برصغير ۾ برطانوي راڄ جي خلاف جدوجهد آهي۔اهو نظم 64 صفحن تي مشتمل آهي۔ان جي ٻين نظمن ۾ پياري سنڌ۔سلام سنڌ۔اي سنڌي وڏيرا۔ڪجھ انسان ٿي۔حيوان انسان۔جيئي سنڌ جيئي سنڌ ۔اي مٺي جيجل وغيره شامل آهن۔هن ڪيترن ئي مشاعرن ۾ شرڪت پڻ ڪئي جن ۾ پاڪ و هند جا اردو مشاعرا به شامل آهن۔جنهن ۾ هن سنڌي نظم پڙهيو۔هو هڪ۔بي باڪ۔مصنف ۔شاعر ۽ ڪهاڻيڪار پڻ هو۔”۔ون يونٽ“ جي خلاف ڪافي ڪتاب لکيائين۔جڏهن لاهور ويو ته اتي ڪتاب”جهموريت ۽ اعلي عدليه جو انصاف“ جسٽس منير کي پيش ڪيو ته هو تپي باھ ٿي ويو۔هن محمدعلي قصوري کي گهرايو ۽ چيو” حيدربخش جتوئيء ڪتاب ۾ جيڪو لکيو آهي۔ان تي عزت جو ڪيس داخل ڪندس“انهيء تي قصوريء چيو ته” جتوئي به اهوئي چاهي ٿو ته چيف جسٽس پاڻ پنهنجو پاڻ تي ڪيس داخل ڪري“ان سوال تي جسٽس منير خاموش ٿي ويو۔حيدربخش جتوئيء سنڌي ٻوليء ۾ ڪتاب لکيا ۽ انهن کي شايع به ڪرايائين۔”هاري انقلاب“ زميندار عرف ڪمدار جا ڪارناما“ ڪهاڻي بي صورت ۾ زمينداري نظام جي خرابين ۽نوڪرشاهي ذهنيت کي وائکوڪيو آهي ۔ جنهن ڪتاب ۾ هارين تي نظم لکيا ويا آهن۔ان جو نالو ”هاري گيت“ آهي” هاري ڪهاڻيون“ اهڙو ڪتاب آهي جنهن ۾ هارين تي ڪهاڻيون لکيون ويون آهن۔
1945ء کان 1970ء جي وچ ۾ هن کي مختلف وقتن ۾ سنڌ،پنجاب ۽ بلوچستان ۾ نظربند رکيو ويو۔هو اٽڪل ست سالن تائين جيل ۾ سياسي قيديء جي حيثيت سان رهيو۔”جيل جي سڌاري“ جي اثر هيٺ هڪ تحقيقي مقالو لکيائين،جيڪو حڪومت کي پڻ پيش ڪيو ويو۔جيتوڻيڪ هن آزاد رهڻ کي اوليت ڏني۔مگر جڏهن به گرفتار ٿيو ته شيخ مجيب الرحمن ۽ ٻين سياسي اڳواڻن کي سندس چهري تي مرڪ ڏسي ڪري تعجب ٿيو۔ڪيترائي ڀيرا هن جي رهائش گاھ جي تلاشي ورتي وئي۔
1945ء کان1970ء جي وچ ۾ هن کي مختلف وقتن ۾ جنوري1969ء ۾ اعلي عدلڀه جي حڪم تي آزادي کانپوء جتوئي صاحب سنڌ جو دورو ڪيو،جلسا ڪيا ۽ ون يونٽ جي خلاف مظاهرو ڪندو رهيو۔
سنڌ جي محبت جي بنياد تي هن کي”باباء سنڌ“ جو خطاب ڏنو ويو،جيڪو لقب سنڌ جي عوام ساڻس سان محبت ۽ عقيدت جي ترجماني ڪري ٿو۔
پچاڙي وارن ڏينهن ۾ ڊاڪٽر خواجه معين
حيدربخش جتوئي سان اسپتال ۾ ملاقات ڪئي جيڪو سندس بهترين ساٿي هو۔ان موقعي تي هن انهيء ڳالھ تي زور ڏنو ته ”سنڌن کي گهرجي ته جيڪو مهاجر سنڌين جي حقن واري جدوجهد ۾ گڏ رهيا انهن ۾ حصو ورتو۔
هو انهن سڀني جو قدر ڪري“حيدر بخش جتوئي 21مئي 1970ء جمعي جي رات 69سالن جي عمر ۾ هن فاني دنيا کان لاڏاڻو ڪري ويو۔ساٿين هن کي سرخ پرچم ۾ ويڙهيو ۽ قرآني آيتون پڙهيون ۽ وصيت جي مطابق هن کي سينٽرل جيل حيدرآباد جي ڀرسان دفن ڪيو ويو۔اڄ جڏهن به سنڌ تي ڪي ڏکيا ڏينهن اچن ٿا ته حيدربخش جتوئي جي ياد اچي ٿي وڃي۔چاڪاڻ ته اهڙا دلير ۽ مرد مجاهد قومن جا محافظ هوندا آهن۔جيڪي صرف تقريرون ناهن ڪندا بلڪ عملي جدوجهد تي يقين رکندا آهن۔










