طفيل مگسي
مڪي شريف تي حوثين حملو ڪيو هجي يا ڪنهن ٻئي مڪي تي حملو ڪرائي مسلمانن کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ جي ناپاڪ سازش ڪئي هجي، ڇاڪاڻ ته مسلمان دشمن اهڙن موقعن جي تلاش ۾ هر وقت سرگرم رهندا آهن.
مڪي شريف تي حملو ڪنهن به ڪيو يا ڪرايو ويو، مڪو ۽ مدينو شريف ٻئي مسلمانن لاءِ پنهنجي جان کان به وڌيڪ مقدس ۽ پيارا علائقا آهن. جهڙيءَ ريت 9/11 جو واقعو پاڻ اسرائيل ۽ آمريڪا سعودي جي ڪرائي وارن قاتلن کي استعمال ڪري ڪرايو ۽ پوءِ ان جو سمورو وزن مسلمانن تي رکي سڄي دنيا اندر مسلمانن لاءِ رڻ ٻاري ڇڏيو ويو.
باوجود ان جي، آل سعود تي ڪو به اعتبار ڪونهي، ڇاڪاڻ ته انهن سلطنت عثمانيه کي ٽڪر ٽڪر ڪري مسلمانن جي طاقت کي ختم ڪري ڇڏيو هو. ان کانپوءِ آل سعود خاندان پنهنجي شاطراڻي ذهن کي استعمال ڪندي سعودي عرب تي قابض ٿيڻ لاءِ اهڙي حڪمت عملي اختيار ڪئي، جو سعودي عرب جي هر هڪ قبيلي مان شادي ڪري سعودي عرب جو مالڪ بڻجي ويو ۽ اڄ تائين سعودي عرب تي قبضو ڪيو ويٺو آهي.
آل سعود خاندان مسلمان خاندان آهي، مگر ان جون سموريون سوچون مسلمانن جي ڀيٽ ۾ غيرمسلم، يعني آمريڪا ۽ اسرائيل جي فائدي ۾ استعمال ٿينديون رهيون آهن.
خير، سعودي خاندان تي وڌيڪ بحث ڪرڻ بدران اصل مقصد ڏانهن اچڻ بهتر ٿيندو. اهو هي آهي ته مڪي شريف تي حوثين پاران حملو ڪو نئون حملو ناهي، حالانڪه حوثي بار بار ان جي ترديد ڪندا رهيا آهن.
مڪي شريف تي هن کان اڳ ابرهه جي حملي جي ته سڀ ڪنهن کي پروڙ هوندي، جنهن کي ابابيلن ناڪام بڻايو هو. مگر اوهان کي اها به ڄاڻ آهي ته مڪي شريف تي ان کانپوءِ به چار خطرناڪ حملا ٿيا هئا؟ پر انهن حملن تي ڪي ابابيل نه آيا ۽ انهيءَ ڪري تمام وڏو نقصان به ٿيو هو.
انهن چئني حملن ۾ سڀ کان پهريون حملو 683ع ۾ يزيد بن معاويه ڪيو، ڇاڪاڻ ته مڪي ۾ عبدالله ابن زبير پنهنجي خلافت قائم ڪري چڪو هو. ان حملي ۾ مسجد الحرام تي وڏا پٿر ۽ باهه جا گولا وسايا ويا، جنهن سان بيت الله کي به نقصان پهتو. حملو اڃا جاري هو ته اوچتو يزيد جي موت جي خبر پکڙجي وئي ۽ ائين گهيرو ختم ڪيو ويو.
اهڙيءَ ريت ڏهه سال گذرڻ کانپوءِ 692ع ۾ ايندڙ خليفي عبدالملڪ بن مروان، حجاج بن يوسف جي معرفت، ٺيڪ حج جي موقعي تي حملو ڪرايو. هن ڀيري مطاف کي حجاج جي گهوڙن جي سنبن هيٺان لتاڙيو ويو ۽ وڏي رتوڇاڻ ٿي. عبدالله ابن زبير مارجي ويو ۽ سندس لاش کي حرم جي دروازي تي ٽنگي ڇڏيو ويو، جڏهن ته حرم کي چاليهن ڏينهن لاءِ بند ڪيو ويو.
ٽيون حملو بحرين جي قرامطه 930ع ۾ ڪيو. اهو حملو به حج جي موقعي تي ڪيو ويو ۽ حج جي تاريخ جو سڀ کان وڏو قتل عام قرار ڏنو وڃي ٿو. قرامطه نه صرف قتل عام ڪيو، پر زمزم جي کوهه کي حاجين جي لاشن سان ڀري ڇڏيو ۽ حجرِ اسود پٽي پاڻ سان گڏ بحرين کڻي ويا. حجرِ اسود 22 سالن تائين بحرين ۾ رهيو، جنهن کي عباسين ڏنڊ ڏئي واپس حاصل ڪيو.
چوٿون حملو 20 نومبر 1979ع تي سعودي بدوي جهيمان العتيبي پنهنجي ڳچ ساٿين جي مدد سان ڪيو. هن انهيءَ حملي جو سبب اهو ٻڌايو ته سعود خاندان سعودي عرب کي ڪنڃرخاني ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. جهيمان پاڻ سان گڏ هڪ پلاٽيل ”امام مهدي“ به آندو هو، جنهن جو نالو محمد عبدالله القحطاني هو.
يعني مسلمان جڏهن به دهشتگردي جي ديڳ چاڙهيندو آهي ته ان ۾ ”مهدي مصالحو“ ضرور وجهندو آهي.
ان حملي دوران ڪيترن ئي هفتن تائين حرم ۾ سعودي دهشتگردن ۽ سيڪيورٽي فورسز وچ ۾ شديد فائرنگ هلندي رهي. نيٺ پاڪستان جي ايس ايس جي کي گهرايو ويو، جنهن سعودي دهشتگردن جي وڏي انگ کي ماري ڇڏيو ۽ گينگ ليڊر کي به سندس خاص ساٿين سميت گرفتار ڪري سعودين جي حوالي ڪري ڇڏيو.
اهو ئي اهڙو حملو هو، جنهن کانپوءِ سعودي رياست مستقل بنيادن تي دهشتگردن جي پرورش ڪندي ڏيک ڏئي ٿي.
اهو حملو 20 نومبر 1979ع تي ٿيو هو ۽ ان کان ڏهه مهينا اڳ فيبروري ۾ ايراني انقلاب اچي چڪو هو. اوچتو آمريڪين کي خيال آيو ته ڇو نه بيت الله تي ٿيل حملي کي آيت الله خميني جي کاتي ۾ وجهي ايران تي حملو ڪيو وڃي؟ هنن چار نيوي شپس خليج ڏانهن روانا ڪري ڇڏيا ۽ حرم جي حملي کي خميني جي کاتي ۾ وجهي ڇڏيو.
جنهن تي آيت الله خميني صاف چيو ته انهيءَ حملي سان اسان جو ڪو واسطو ناهي ۽ اهو سعودي عرب جو اندروني معاملو آهي. گڏ ئي آيت الله خميني سڄي دنيا جي شيعن کي احتجاج جي ڪال ڏئي ڇڏي. پاڪستان سميت شيعا اڪثريتي آبادي رکندڙ ملڪن ۾ آمريڪي سفارتخانا ۽ قونصل خانا شيعا مظاهرين جي ور چڙهي ويا.
اها صورتحال ڏسي ڪري آمريڪا سعودين کي چيو:
”يا اخي! تڪڙو اعلان ڪر ته حرم تي حملي ۾ ايران ملوث ناهي.“
”يا مخي! اسان ته اهو چيو ئي ناهي ته ان ۾ ايران ملوث آهي، ته ترديد ڪهڙي ڳالهه جي ڪيون؟“
”يا اخي! بس ستت اعلان ڪر!“
ائين سعودين اعلان ڪري ڇڏيو ته دهشتگرد سڀ سعودي آهن، انهن جو ايران سان ڪو واسطو ناهي.
اهو اعلان ٿيندي ئي آمريڪا چيو: ”اسان ته ايران کي تباهه ڪرڻ ٿي چاهيو، مگر ڇاڪاڻ ته سعودي چئي رهيا آهن ته ان ۾ ايران ملوث ناهي، ان ڪري معاف ڪيوسين.“ ۽ اهو چئي ڪري نيوي جا جهاز واپس آمريڪا روانا ٿي ويا.
ٺيڪ اها ئي آمريڪا جي اهڙي حرڪت هئي، جنهن جي نتيجي ۾ ايران ۾ اها سوچ پيدا ٿي ته هن جي خلاف مستقبل ۾ منظم قسم جو آمريڪا-عرب ڳٺ جوڙ قائم ٿي سگهي ٿو ۽ اها حرامپائي آمريڪا پنهنجي مقصدن لاءِ ڪندو. اڳتي هلي ٿيو به ائين، مگر اهو في الحال پنهنجو موضوع ناهي.
1979ع واري واقعي جي نتيجي ۾ سعودين جي مٿان هڪ وڏو خوف اهو سوار ٿي ويو ته جيڪي ماريا ويا، اهي ته ٺيڪ ماريا ويا، مگر انهن جا هم خيال ڪيترا آهن ۽ ڪٿي ڪٿي آهن؟ انهن جو ڇا ڪيو وڃي؟
سعودين جي اها پريشاني هڪ مهيني جي اندر اندر ختم ٿي وئي. 27 ڊسمبر 1979ع تي سوويت فوج افغانستان ۾ داخل ٿي وئي. جنرل ضياءَ جهاد جي ڪال ڏني، آمريڪا کان به وڏي آواز ۾ سعودي حڪومت ”لبيڪ!“ چيو.
ياد آهي، دهشتگردن چيو هو ته سعودي حڪومت ملڪ کي ڪنڃرخانو بڻائي رکيو آهي؟ سو سعودين ٻه ڪم ڪيا. پهريون اهو ته عورتن کي گهرن ۾ واڙي ڇڏيو ۽ شرعي قانون جو ٽوپي ڊرامو شروع ڪيو ته ملڪ کي اسلامي بڻايو پيو وڃي، ۽ اتان ئي مذهبي لقب جو جنم ٿيو.
سعودي بادشاهه پنهنجو لقب ”جلالۃ الملڪ“ مان ”خادم الحرمين الشريفين“ ڪري ڇڏيو ۽ گڏ ئي اعلان ڪري ڇڏيو ته سعودي عرب پنهنجن ابن ڏاڏن جي تاريخ زنده ڪندي ”جهاد“ ڪندو.
هڪ دردناڪ ڪال ڏيندي چيو ويو: ”وارو ڪيو افغانستان تي، ڪافرن حملو ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو به غيرتمند سعودي انهن سان مقابلو ڪندو، ان جي مالي مدد سعودي ڪندو.“
اهڙيءَ ريت الجهيني جا سمورا روپوش ساٿي قطارن ۾ لڳي ويا ۽ سعودي ايئرلائن جي ٽڪيٽ ڪٽرائي افغانستان جي ”ڪافرن“ خلاف جهاد ڪرڻ لاءِ پهچي ويا!
صدر ڪارٽر کي ڏندين آڱريون اچي ويون ۽ پوءِ شاهه فهد کي ڏسي ڪري اک هنئي ۽ فرمايائين: ”What an idea, sir!“
اهو ڏسي ڪري مصرين ۽ شامين به پنهنجن دهشتگردن کي سڌوسنئون پاڪستان کان افغانستان پهچائي ڇڏيو ۽ انتظار شروع ڪري ڇڏيو ته اهي سڀ روسين جي هٿان مارجي وڃن ته انهن کان جان آجي ٿئي.
مگر افسوس! جان نه ڇٽي.
ڏهن سالن کانپوءِ افغان جنگ ختم ٿي وئي ته پٺيان اهڙا عرب بچي ويا، جن وٽ هاڻي ”جنگ جو باقاعده ۽ ماڊرن تجربو“ هو. خطرو پيدا ٿي ويو ته اهي واپس اچي ڪري اڳ کان به وڏو مسئلو بڻجي ويندا.
ان جو حل مصر ۽ سعودي عرب الڳ الڳ ڪڍيو. مصرين ته واپس اچڻ وارن کي گرفتار ڪري، انهن تي ڪوڙا ڪيس هلائي کين موت جي سزا ڏيڻ شروع ڪئي.
جڏهن ته افغانستان کان موٽڻ وارا سعودي بن لادن جهڙي اثر واري شخص جي پاڇي ۾ هئا، سو سعودي عرب ۾ اهو خوف پيدا ٿيو ته اهي سڀ به مصر واري صورتحال کان پريشان ٿي سگهن ٿا.
انهيءَ ڊپ کي سمجهي بن لادن پهرين سوڊان ويو ۽ اتان کان وري افغانستان موٽي آيو. سعودي به اهو ئي ٿي چاهيو ته اهي سعودي عرب ۾ نه رهن، نه ته وري حرم تي قبضو ڪري بغاوت ڪري ڇڏيندا.
افغانستان اچي ڪري بن لادن ”القاعده“ قائم ڪري ڇڏي ۽ باقاعده پريس ڪانفرنس ۾ فرمايائين: ”سعودي حڪومت ملڪ کي يهودي و نصارا جو اڏو بڻائي ڇڏيو آهي.“
اهو الجهيني واري بيانيي کان وڌيڪ پاورفل هو، سو هن سڄي دنيا جي مسلمانن جي حمايت به حاصل ڪري ورتي.
اهو ڏسي ڪري سعودين ننڍي بش کي چيو: ”يا مخي! اهي اسان ٻنهي جا گڏيل دشمن آهن، ڪجهه ڪر!“
ننڍي بش جواب ڏنو: ”يا اخي! ٽينشن ناهي وٺڻو، اهڙي چال هلندس ته سڄي دنيا ۾ دهشتگردي پکيڙي ڇڏيندس.“
۽ ٿي ويو نائن اليون!
ڪنهن کي شايد وقت ملي ته ويجهي ۾ جاري ٿيڻ واري ان آمريڪي ڊاڪيومينٽريز کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪري، جنهن ۾ اهو ثابت ڪيو ويو آهي ته نائن اليون ۾ بن لادن جو ڪو رول نه هو. سمورا هائي جيڪر سعودي حڪومت جا مهيا ڪيل ۽ سي آءِ اي جا ٽرينڊ ڪيل هئا.
باقاعده دستاويزي ثبوت سامهون اچي چڪا آهن ته انهن مان ڪي ايف بي آءِ جي ريڊار تي هئا، ليڪن ايف بي آءِ کي ”شٽ اپ“ ڪال ڏني وئي هئي.
نائن اليون جو مقصد فقط اهو نه هو ته افغانستان ۾ ويٺل سعودين کي ماريو وڃي، بلڪه ست عرب ملڪن کي ٽارگيٽ لسٽ تي رکيو ويو هو ته انهن کي تباهه و برباد ڪيو وڃي.
سابق نيٽو ڪمانڊر جنرل ويزلي ڪلارڪ جا انٽرويوز يوٽيوب تي پيا آهن. جيڪڏهن اوهان کي وقت ملي سگهي ته پڙهي وٺجو.
مگر هن ڀيري به ”عجب“ ٿي ويو! عربن جو جهاد وارو ڪيڙو وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويو ۽ جڏهن عرب اسپرنگ جو مرحلو آيو ته اڌ عرب آمريڪا داعش ۾ کڻي ورتا ۽ اڌ سعودين شام ڏانهن موڪلي ڇڏيا، ۽ ٻنهي کي پاڻ ۾ ويڙهايائين.
ليڪن اتي به ختم نه ٿيا. سو هن وقت سعودي عرب انهن کي يمن ۾ وڙهائي رهيو آهي. يعني ”جهادي ڪيڙو“ هينئر سعودين مسلسل زنده رکيو آهي ۽ مقصد ان جو بس ايترو آهي ته اهي بيوقوف گهر ڏانهن واپس نه اچن.
هيڏانهن آيا ۽ ڏٺائون ته ”اصاله نصري“ جو ڪنسرٽ ٿي رهيو آهي ته ”ساڍا خير ناهي.“
ائين ڄڻ ته محمد بن سلمان جو سعودي عرب هڪ ڀيرو وري اهو ئي سعودي عرب بڻجي ويو، جنهن جي باري ۾ الجهيني 20 نومبر 1979ع ۾ چيو هو ته ”ملڪ کي ڪنڃرخانو بڻائي ڇڏيو آهي.“
انهيءَ ڪنڃرخاني کي دهشتگردن کان بچائي رکڻ لاءِ سعودي عرب انهن کي ڪنهن نه ڪنهن ملڪ ۾ مصروف رکڻو ئي آهي. جيڪڏهن يمن سان ٺاهه ٿي ويو ته انهن کي يو اي اي موڪلي ڇڏيندو.
ڪجهه سمجهه ۾ آيو خادمينِ حرمين شريفين خاندان جي شاطراڻين چالبازين بابت؟










