راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز فتنه الھندوستان جا 4 دهشتگرد مارجي ويا.سيڪيورٽي ذريعن ٻڌايو آهي ته پنجگور جي علائقن عفن ڪوه ۽ پروم ۾ فتنه الھندوستان جي دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو.سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز علائقي ۾ دهشتگردن سان سخت فائرنگ جو تبادلو ڪيو، جنهن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا.سيڪيورٽي ذريعن موجب، مارجي ويل دهشتگردن وٽان وڏي مقدار ۾ جديد هٿيار ۽ گولا بارود هٿ ڪيو ويو آهي.سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جاري رهنديون.










