پمز سانحي جي اڪيلي بچيل ايزل  به فوت

پمز سانحي جي اڪيلي بچيل ايزل به فوت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پمز سانحي جي اڪيلي بچيل ايزل پنهنجي حياتي وڃائي ويٺي.ازل جي پيءُ ٻڌايو ته هوءَ اسپتال ۾ علاج هيٺ هئي؛ اسلام آباد جي پمز اسپتال ۾ باهه لڳڻ دوران هڪ نرس ان ٻارڙي کي بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي هئي.ياد رهي ته پمز سانحي جي جاچ رپورٽ گذريل ڏينهن جاري ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ 14 نون ڄاول ٻارن جي المناڪ موت کي انتظامي ناڪامي قرار ڏنو ويو هو ۽ عملي کي ڪلين چٽ ڏني وئي هئي.رپورٽ موجب، سڌي طرح ذميوار عملي ٻارن کي اڪيلو نه ڇڏيو هو؛ چارج نرس نسرين اختر، سيڪيورٽي گارڊ ماريا سليم ۽ اسٽاف نرس راضيه نورين ٻارن کي بچائڻ لاءِ فوري قدم کنيا. نرس راضيه نورين هڪ نئين ڄاول ٻار کي بچايو ۽ نرسري ۾ ٻيهر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو