خضدار ۾ زلزلي جا جهٽڪا، شدت 3.2 رڪارڊ

خضدار ۾ زلزلي جا جهٽڪا، شدت 3.2 رڪارڊ

خضدار (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي خضدار ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا.زلزلي جي مرڪز موجب خضدار ۾ زلزلي جي شدت 3.2 رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته کوٽائي 10 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي.زلزلي جي مرڪز چيو آهي ته زلزلي جو مرڪز خضدار کان 75 ڪلوميٽر اتر اولهه ۾ هو.زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا، شهرين ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو ۽ علائقي جا رهواسي پنهنجن گهرن ۽ دڪانن مان کليل هنڌن تي گڏ ٿي ڪلمه طيبه جو ورد ڪندا رهيا.

پهنجو تبصرو موڪليو