سنڌ اسيمبلي ۾ نون صوبن ۽ انتظامي يونٽس تي بحث

سنڌ اسيمبلي ۾ نون صوبن ۽ انتظامي يونٽس تي بحث

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ نون صوبن ۽ انتظامي يونٽس جي معاملي تي پيپلز پارٽي جي تحريڪ التوا تي بحث جو سلسلو ٻئي ڏينهن به جاري آهي.اڱاري تي سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اويس قادر شاهه جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. تحريڪ التوا تي بحث ۾ حصو وٺندي پيپلز پارٽي جي ميمبر سمعنا افضال چيو ته سنڌ اسان جي ريڊ لائن آهي، مان ڪراچي جي نمائندگي ڪندي آهيان ۽ سنڌ جي ڌيءَ آهيان. سمعنا افضال چيو ته ڪراچي کان ڪشمور تائين ڪوبه سنڌ جي ورهاست نٿو چاهي. سنڌ کي ورهائڻ جون ڳالهيون نه ڪيون وڃن. ڪجهه ماڻهن جي خواهش آهي ته اهي وزيراعليٰ بڻجي وڃن.ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ميمبر افتخار عالم چيو ته اهو مسئلو هڪ صوبي يا هڪ شهر جو نه آهي، اهو پاڪستان جي رياستي ادارن جو سوال آهي، پاڪستان جي آبادي ٻيڻي ٿي چڪي آهي، ڪنهن نه ڪنهن جڳهه تي ته ناانصافين جو ازالو ٿيڻ گهرجي، عام ماڻهو جا مسئلا حل نٿا ٿين.هن چيو ته انتظامي يونٽس کي سياسي حوالي سان نه ڏٺو وڃي. اسان سنڌ ٽوڙڻ جي ڳالهه نه پيا ڪريون اسان هن ايوان ۾ پنهنجي عوام جي نمائندگي ڪندا آهيون. ايم ڪيو ايم پاڪستان اهو بحث ڪنهن قوم يا ثقافت جي خلاف نه ڪري رهي آهي. افتخار عالم جو چوڻ هو ته هڪ شهري کي بنيادي سهولتون گهرجن، اهڙي حڪومت هجي جيڪا عوام جي سامهون جوابده هجي، شهرين کي فوري، شفاف ۽ جوابده حڪومت جي ضرورت اڳ کان به وڌيڪ آهي.پيپلز پارٽي جي ميمبر حسن علي شاهه چيو ته هي ايوان سموري سنڌ جي نمائندگي ڪري رهيو آهي، صوبو ٺاهڻ جي لاءِ اسيمبلي ۾ ٻه هڪ جي اڪثريت گهرجي، اسان کي سنڌ جي ورهاست قبول نه آهي. هن چيو ته سنڌ جيڪو روينيو ڏئي ٿو اهو پورو وفاق کڻي ويندو آهي. پيپلز پارٽي هميشه انهي ڳالهه جو انتظار ڪندي آهي، هن ايوان پاڪستان کي ٺاهڻ جي قرارداد منظور ڪئي هئي، هي ايوان ڪڏهن به صوبا ٺاهڻ نه ڏيندو.پي ٽي آءِ جي اسيمبلي ميمبر اويس احمد چيو ته نثار احمد کهڙو تحريڪ التوا ڇو پيش ڪئي؟ ڇا سنڌ کي بلوچستان بنائڻ چاهيو ٿا؟ مهاجر، سنڌي، پشتون فساد ڪرائڻ چاهيو ٿا؟ هن چيو ته 28هين ترميم جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن اسان انهي کي نٿا مڃون، هي ملڪ آئين تي نه پيو هلي، اسان چاهيون ٿا ته سنڌ جي عوام جو فيصلو قبول ڪيو وڃي. پاڪستاني عوام ڪنهن آئيني ترميم کي نٿي مڃي. اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن خان صاحب اچي فيصلو ڪندو.پيپلز پارٽي جي ميمبر فاروق اعواڻ چيو ته صوبن جي مسئلي تي تفرقو پيدا ٿيندو. سنڌ جي ورهاست مسئلي جو حل نه آهي. اسان کي سنڌ جي ورهاست نه سنڌ جي تعليم گهرجي، اسان سنڌ جون سرحدون تبديل ڪرڻ نٿا چاهيون. فاروق اعواڻ چيو ته مان پنجابي ڳالهائيندڙ سنڌي آهيان، مون سان گڏ پشتو، بلوچي، اردو ڳالهائيندڙ سنڌي ايوان ۾ موجود آهن. سنڌ پاڪستان جي ضرورت آهي، سنڌ نه هجي ها ته پاڪستان جو وجود به نه هجي ها، سنڌ ۾ رهڻو آهي ته سنڌ چوڻو آهي.ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ميمبر دانيال احمد چيو ته اسان سموري پاڪستان ۾ انتظامي يونٽس جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون اسان مان ڪنهن به سنڌ جي ورهاست جي ڳالهه ناهي ڪئي، سنڌ جي جغرافيائي حدون ساڳيون رهنديون. ڪراچي ۾ ڪنهن به قوميت جو وزيراعليٰ بڻجي سگهي ٿو، جڏهن ضرورت پوي ٿي ته وڏي عمارت ٺاهي ويندي آهي. اوهان اڪثريت ۾ آهيو پر 40 سيڪڙو پ پ کي ووٽ مليو آهي.پيپلز پارٽي جي نثار کهڙو چيو ته نئون صوبو صرف هڪ نئون سيڪريٽريٽ قائم ڪرڻ جو نالو ناهي، نئون صوبو هڪ آئيني ادارو، قانونساز اسيمبلي، انتظامي بيورو ڪريسي ۽ مالي ڍانچي تي ٻڌل آهي. نوان صوبا ٺاهڻ سان سياسي نمائندگي، اثاثن، واجبات ۽ وسيلن بابت نوان سوال پيدا ٿيندا. صوبن جي بحث کي نعرن جي بجاءِ آئيني ذميواري ۽ سنجيدگي سان ڏسڻو پوندو.نثار کهڙو چيو ته عوام تائين حڪومت پهچائڻ جو جواب آئين ۾ اڳ ئي موجود آهي. آئين جو آرٽيڪل 140 اي سياسي، انتظامي ۽ مالي اختيار چونڊيل بلدياتي نمائندن ڏانهن منتقل ڪرڻ جو پابند ڪري ٿو. عوامي مسئلن جي حل لاءِ مقامي حڪومت جو نظام اڳ ئي موجود آهي.هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ لوڪل گورنمنٽ جو نظام اڳ ئي موجود آهي. حڪومت کي نون صوبن جي بجاءِ موجوده بلدياتي نظام کي بهتر بنائڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. جيڪڏهن مقصد اختيار عوام تائين پهچائڻ آهي ته آرٽيڪل 140 اي تي مڪمل طور تي عمل ڪيو وڃي. نوان صوبا ٺاهڻ کان اڳ موجوده آئيني ۽ بلدياتي نظام کي مضبوط بنائڻ جي ضرورت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو