جناح اسپتال ۾ عورت ۽ تازي ڄاول ٻار جي فوتگي، جاچ ڪميٽي قائم

جناح اسپتال ۾ عورت ۽ تازي ڄاول ٻار جي فوتگي، جاچ ڪميٽي قائم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): جناح اسپتال ڪراچي ۾ مبينا طور بيڊ نه ملڻ سبب عورت ۽ سندس نئين ڄاول ٻار جي فوتگي واري واقعي تي اسپتال انتظاميا جاچ لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي.اسپتال اختيارين موجب عورت گيسٽرو وارڊ ۾ ٻار کي جنم ڏنو، جنهن کانپوءِ عورت ۽ نئين ڄاول ٻار ٻنهي دم ڏئي ڇڏيو.گيسٽرو وارڊ جي ڊاڪٽرن الزام لڳايو آهي ته گائني وارڊ ۾ بسترو خالي هجڻ باوجود عورت کي اتي بسترو فراهم نه ڪيو ويو، جنهن سبب کيس گيسٽرو وارڊ منتقل ڪيو ويو.هوڏانهن اسپتال انتظاميا جو موقف آهي ته متاثر عورت کي گيسٽرو جي تڪليف سبب گائني وارڊ مان گيسٽرو وارڊ منتقل ڪيو ويو هو.جناح اسپتال جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سلمان موجب واقعي جي حقيقت معلوم ڪرڻ ۽ ذميوارين جو تعين ڪرڻ لاءِ جاچ ڪميٽي جوڙي وئي آهي.اسپتال انتظاميا جو چوڻ آهي ته ڪميٽي واقعي جي سمورن پاسن جو جائزو وٺندي ۽ جاچ رپورٽ جي بنياد تي وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو