ميرپورماٿيلو (رپورٽر): ميرپورماٿيلو ويجهو نوجوان ملهڻ شرڪي کي مبينه طور لاڪپ ۾ تذليل جو نشانو بڻائڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺندي، اڳوڻي ايس ايڇ او خلاف پيڪا ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب، ايس ايس پي گھوٽڪي انور ڪيتران جي حڪم تي آندل سندراڻي ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايڇ او قابل پيو خلاف سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻي ايس ايڇ او پاران نوجوان جي تذليل ڪرڻ ۽ پيڪا ايڪٽ (PECA Act) جي خلاف ورزي ڪرڻ تي سندس خلاف آندل سندراڻي ٿاڻي تي مقدمو درج ڪيو ويو آهي.










