ڄامشورو(ن س) سن ڀرسان ڪار ڪلٽي ٿيڻ سبب 2 پوليس اهلڪار فوت ٿي ويا، ٿيٻاٺ ٿاڻي جي حد ڇٽا هوٽل وٽ ڄامشورو کان سيوهڻ طرف ويندڙ ڪار تيزرفتاري سبب ڪلٽيون کاهي روڊ کان هيٺ کاهي ۾ هلي وئي۔ جنهن جي نتيجي ۾ ڪار سوار ٻه ڄڻا ٿڏي تي فوت جڏهن ته 2 زخمي ٿي پيا فوتين جي لاشن ۽ زخمين کي مقامي ماڻهن سيوهڻ اسپتال پهچايو جتي زخمين کي طبي امداد ڏني وئي، جڏهن ته فوتين جي لاشن جون قانوني گهرجون پوريون ڪري لاش وارثن حوالي ڪيا ويا.ٿيٻاٺ پوليس رابطي ڪرڻ ٻڌايو ته فوتين جي سڃاڻپ شاهين پوليس فورس اهلڪار جاويد جلباڻي ۽ غلام مصطفيٰ پنهور طور ٿي آهي جڏهن ته زخمين ۾ شاهين پوليس فورس انچارج زمان پنهور، ثناء الله بروهي شامل آهن وڌيڪ چانچ ڪريون پيا ته حادثو ڪيئن پيش آيو آهي.هوڏانهن ذريعن جو چوڻ آهي ته ڳجهي اطلاع تي پوليس منشيات فروشن جو پيڇو ڪيو ته منشيات فروش پنهنجي گاڏي جو پوليس اهلڪارن جي گاڏي کي ٽڪر هڻي فرار ٿي ويا جنهن سبب حادثو پيش آيو آهي جڏهن ته ٿيٻاٺ ٿاڻي تي اهڙو ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي.










