واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڊنمارڪ ۽ گرين لينڊ سان هڪ معاهدي جو اعلان ڪيو آهي. سوشل ميڊيا تي هڪ بيان جاري ڪندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته، “مون کي اهو اعلان ڪندي خوشي ٿي رهي آهي ته آمريڪا ڊينمارڪ ۽ گرين لينڊ سان هڪ معاهدو ڪري چڪو آهي.” هن معاهدي تحت، آمريڪا گرين لينڊ ۾ سيڪيورٽي ۽ ٻين سمورين ضروري ضرورتن بابت مستقل اختيار حاصل ڪندو، جنهن سان آمريڪا جا سمورا خدشا حل ٿي ويندا.آمريڪي صدر چيو ته هن معاهدي تي آمريڪا کي ڪو به خرچ نه ڪرڻو پوندو. ڊنمارڪ ۽ گرين لينڊ جي نمائندن سان گڏجي ڪم ڪندي، اها يقين دهاني حاصل ڪئي وئي آهي ته آمريڪا کي پنهنجي ۽ گرين لينڊ جي حفاظت ۽ دفاع لاءِ ضروري قدم کڻڻ جي مڪمل ۽ دائمي آزادي هوندي.قابلِ ذڪر ڳالهه اها آهي ته گرين لينڊ تيل، گيس ۽ ناياب معدنيات جي وسيع ذخيرن سان مالا مال آهي؛ ان ڪري، آمريڪا هن علائقي کي پنهنجي قومي ۽ عالمي سلامتي لاءِ انتهائي اهم سمجهي ٿو. آمريڪا آرڪٽڪ واري علائقي ۾ روس ۽ چين جي وڌندڙ فوجي ۽ تجارتي سرگرمين کي منهن ڏيڻ لاءِ ان ٻيٽ تي پنهنجو اثر وڌائڻ چاهي ٿو.ڪنهن به ملڪ کي اسان جي منظوريءَ کان سواءِ گرين لينڊ ۾ فوجي اڏو قائم ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.ڊونلڊ ٽرمپ وڌيڪ چيو ته هاڻي کان پوءِ، آمريڪا جي ڪنهن به مخالف کي آمريڪا جي واضح تحريري منظوريءَ کان سواءِ گرين لينڊ ۾ فوجي اڏو قائم ڪرڻ، فوجي موجودگي برقرار رکڻ يا حساس سيڙپڪاري ڪرڻ جي اجازت نه هوندي.










