اي آئي  انسان جي روزگار لاءِ خطرو يا نئون موقعو

اي آئي انسان جي روزگار لاءِ خطرو يا نئون موقعو

فاروق احمد گھنڃو
نيا جڏهن صنعتي انقلاب کان پوءِ مشينن کي انسان جي محنت جو ساٿي بڻائيندي اڳتي وڌي رهي هئي تڏهن به هڪ سوال اٿيو هو ته مشينون انسان جو روزگار کسي وٺنديون. اڄ تقريباً ساڳيو سوال هڪ نئين شڪل ۾ اسان جي سامھون بيٺو آهي مصنوعي ذهانت (AI) ۽ ChatGPT وغيره انسان جي روزگار لاءِ خطرو يا نئون موقعو؟ھي سوال صرف ٽيڪنالاجيءَ جي ماهرن تائين محدود ناهي رهيو پر استاد، شاگرد، انجنيئر، ڊاڪٽر، صحافي، ليکڪ، آفيس ملازم، واپاري ۽ عام پورهيت به ان بابت سوچڻ تي مجبور آهن. اڄ ChatGPT ۽ Ai جهڙا اوزار چند سيڪنڊن ۾ مضمون لکي سگھن ٿا ترجمو ڪري سگهن ٿا حساب ڪتاب ۾ مدد ڪري سگھن ٿا پروگرامنگ ڪوڊ تيار ڪري سگھن ٿا سوالن جا جواب ڏئي سگھن ٿا ۽ پيچيده موضوعن کي سادي ٻوليءَ ۾ سمجھائي سگھن ٿا پوء سوال اهو آهي ته جيڪڏهن مشينون ايترو ڪم ڪرڻ لڳن ته پوءِ انسان ڇا ڪندو؟روزگار لاءِ خطرو ڇو محسوس ٿئي ٿو؟اي آئي جي اچڻ سان ڪجھ اهڙا ڪم ضرور متاثر ٿي سگھن ٿا جيڪي بار بار ساڳئي طريقي سان ڪرڻا پون ٿا مثال طور ڊيٽا داخل ڪرڻ بنيادي لکپڙھ ڪجھ ترجمي جا ڪم عام رپورٽون تيار ڪرڻ ڪسٽمر سپورٽ ۽ ڪجھ دفتري ڪم AI ذريعي تيزيءَ سان ٿي سگھن ٿا جنھن جو مطلب اهو ناهي ته سڀئي نوڪريون ختم ٿي وينديون پر ڪجھ نوڪرين جي نوعيت تبديل ضرور ٿي سگھي ٿي. جيڪو ماڻھو اڄ هڪ خاص ڪم پاڻ ڪري رھيو آهي شايد سڀاڻي ساڳيو ڪم AI جي مدد سان وڌيڪ تيزيءَ سان ڪري.تنھنڪري اصل خطرو شايد AI کان نه، پر ان سان گڏ نه هلڻ جو آهي AI هڪ وڏو موقعو پڻ آهي ھر ٽيڪنالاجيءَ وانگر AI جا به ٻه پاسا آهن. جيڪڏهن هڪ ڪمپنيءَ ۾ AI ڪنھن ملازم جو ڪجھ ڪم تيز ڪري ٿي ته ساڳيو ملازم وڌيڪ وقت تخليقي انتظامي ۽ فيصلا ساز ڪم لاءِ استعمال ڪري سگھي ٿو. ھڪ استاد AI ذريعي سبق جي تياري ۾ مدد وٺي سگھي ٿو. ھڪ شاگرد ڏکيو سبق مختلف طريقن سان سمجھي سگھي ٿو ننڍو واپاري پنھنجي ڪاروبار لاءِ اشتھاري مواد تيار ڪرائي سگھي ٿو ھڪ سول انجنيئر يا سپروائيزر تعميراتي اصطلاحن رپورٽن چيڪ لسٽن ۽ تعليمي مواد تيار ڪرڻ وقت AI کان مدد وٺي سگھي ٿو. يعني AI کي جيڪڏهن انسان جي جاءِ وٺندڙ مشين بدران انسان جي صلاحيت وڌائڻ جو اوزار سمجھيو وڃي ته ان جا فائدا تمام گھڻا ٿي سگھن ٿا. مستقبل ۾ ڪھڙو انسان ڪامياب ٿيندو؟شايد مستقبل ۾ صرف ڊگري ڪافي نه هوندي انسان کي پنھنجي شعبي جي ڄاڻ سان گڏ ٽيڪنالاجيءَ کي استعمال ڪرڻ به سکڻو پوندو. ھڪ انجنيئر جيڪو AI استعمال ڪرڻ ڄاڻي ٿو اهو پنھنجي ڪم کي وڌيڪ منظم ڪري سگھي ٿو. ھڪ صحافي جيڪو AI کان تحقيق ۽ مواد ترتيب ڏيڻ ۾ مدد وٺي سگھي ٿو اهو پنھنجي وقت جو بهتر استعمال ڪري سگھي ٿو. ھڪ استاد AI کي صحيح طريقي سان استعمال ڪري شاگردن لاءِ وڌيڪ بھتر تعليمي مواد تيار ڪري سگھي ٿوپر هتي هڪ بنيادي فرق آهي AI کي استعمال ڪرڻ ۽ AI تي مڪمل ڀروسو ڪرڻ ٻه مختلف شيون آهن انسان کي پنھنجي عقل تجربي ۽ فيصلي جي صلاحيت برقرار رکڻي پوندي. ڇا AI انسان جي جاءِ وٺي سگھي ٿي؟ شايد ڪجھ مخصوص ڪم ۾ AI انسان جي جاءِ وٺي سگھي پر انسان جي مڪمل جاءِ وٺڻ هڪ مختلف معاملو آهي. انسان وٽ جذبات سماجي شعور ذميواري عملي تجربو اخلاقي سوچ ۽ صورتحال مطابق فيصلو ڪرڻ جي صلاحيت آهي. مثال طور تعميراتي سائيٽ تي AI شايد چيڪ لسٽ ٺاهي سگھي ٿي پر سائيٽ تي بيھي حقيقي صورتحال ڏسي فيصلو ڪري مزدورن سان رابطو ڪرڻ معيار کي عملي طور جانچڻ ۽ اوچتي مسئلي جو حل ڪڍڻ لاءِ انساني تجربو اڃا به اهم آهي. ساڳيءَ طرح استاد لاءِ AI سبق تيار ڪري سگھي ٿي پر شاگرد جي چھري مان اهو سمجھڻ ته هو سبق سمجھيو آهي يا نه، اھو انساني رابطي جو ھڪ حصو آهي.پاڪستان ۾ AI ڇا آڻي سگھي ٿي؟ اسان جھڙن ملڪن لاءِ AI هڪ وڏو موقعو پڻ بڻجي سگھي ٿي پاڪستان ۾ ڪيترائي نوجوان محدود وسيلن باوجود موبائل فون ۽ انٽرنيٽ ذريعي دنيا جي علم تائين پھچي سگھن ٿا/پھچي رھيا آھن جيڪڏهن نوجوان AI کي صرف تفريح يا نقل لاءِ استعمال ڪرڻ بدران تعليم، فري لانسنگ، پروگرامنگ، ڊيزائن، ٻولين، ڪاروبار ۽ فني مھارتن لاءِ استعمال ڪن ته روزگار جا نوان دروازا کلي پوندا پر ان لاءِ اسڪولن ڪاليجن ۽ ٽيڪنيڪل ادارن ۾ AI بابت بنيادي تعليم ۽ ذميواري سکڻ ضروري آهي.اصل سوال AI نه اسان جي تياري آهي اسان جي دروازي تي AI اچي چڪي آهي هاڻي سوال اهو ناهي ته AI ايندي يا نه. سوال اهو آهي ته اسان آرٽيفيشل انٽيليجنس لاءِ ڪيترا تيار آهيون؟ جيڪڏهن اسان تبديليءَ کان ڊڄي ويھي رهنداسين ته شايد ڪيترائي موقعا اسان کان اڳتي نڪري ويندا جيڪڏهن اسان سکڻ شروع ڪنداسين ته ساڳي ٽيڪنالاجي اسان لاءِ روزگار ڪاروبار ۽ علم جا نوان رستا کولي سگھي ٿي دنيا ۾ هر وڏي ٽيڪنالاجيءَ جي اچڻ سان ڪجھ پراڻا ڪم ختم ٿيا آهن پر ساڳئي وقت نوان ڪم به پيدا ٿيا آهن AI سان به ممڪن آهي ته روزگار جي دنيا جي شڪل تبديل ٿئي پر نوان شعبا ۽ نيون مھارتون سامھون اينديون اي آئي چيٽ جي پي ٽي وغيره کي صرف روزگار کسيندڙ مشين سمجھڻ شايد غلط هجي اي آئي ھڪ اوزار آهي ان جو اثر ان ڳالھ تي منحصر آهي ته ان کي ڪير ڪٿي ۽ ڪيئن استعمال ڪري ٿو جيڪو ماڻھو AI کان ڊڄي پري رهندو شايد اھو جديد ٽيڪنالاجيءَ جي تبديليءَ کان تمام گھڻو پوئتي رهجي ويندو جيڪو ماڻھو AI کي سمجھي پنھنجي نوجوانن کي ان مھارت سان گڏ استعمال ڪندو اهو شايد ايندڙ دور ۾ ٻين کان اڳتي نڪري وڃي تنھنڪري مستقبل جو سوال شايد هي نه ھجيAI منھنجي نوڪري کسيندي؟” بلڪه سوال اهو هجڻ گھرجي مان AI سان گڏ پنھنجي مھارت کي نوجوانن ۾ ڪيئن منتقل ڪري سگهان ٿو؟ ڇو ته ايندڙ دور ۾ مقابلو شايد انسان ۽ AI جي وچ ۾ نه پر AI کي صحيح نموني استعمال ڪندڙ انسان ۽ ان کي نظرانداز ڪندڙ انسان جي وچ ۾ هجي ٽيڪنالاجي کان ڊڄڻ بدران ان کي سکڻ گھرجي ڇو ته مستقبل دروازو کڙڪائي رهيو آهي ۽ سوال اهو آهي ته اسان دروازو کولڻ لاءِ تيار آهيون يا نه!!؟؟؟

پهنجو تبصرو موڪليو