مسلم ۽ غير مسلم ججن جو تقابلي جائزو

مسلم ۽ غير مسلم ججن جو تقابلي جائزو

اعجاز ممنائي
دنيا جي عدالتي نظام ۾ جج جو مذهب هميشه بحث جو موضوع رهيو آهي. ڇا انصاف جو تعلق جج جي عقيدي سان آهي يا سندس قانوني تربيت ۽ غير جانبداري سان آهي؟ ان جو جواب سمجهڻ لاءِ اسان کي دنيا جي ٽن وڏن عدالتي ماڊلز کي ڏسڻو پوندو.
1. اسلامي ملڪن جو ماڊل (سعودي عرب، ايران، پاڪستان، گڏيل عرب امارات): هن ماڊل ۾ آئين ۽ شريعت ٻئي گڏ هلن ٿا. هتي اڪثريت مسلمان ججن جي آهي. انهن لاءِ اسلامي فقه، قرآن و سنت ۾ مهارت لازمي آهي. حدود، وراثت، نڪاح ۽ طلاق جهڙن ڪيسن ۾ سندن فيصلو حتمي سمجهيو ويندو آهي.جڏهن ته انهن ملڪن ۾ به غير مسلم جج موجود آهن، پر اهي محدود دائري ۾ آهن.گڏيل عرب امارات ۽ ملائيشيا ۾ ڪمرشل ۽ سول ڪورٽن ۾ غير مسلم جج مقرر ڪيا ويا آهن ته جيئن پرڏيهي سيڙپڪارن کي اعتماد هجي ته فيصلو مذهبي بنياد تي نه پر انٽرنيشنل بزنس لا تي ٿيندو. جڏهن ته پاڪستان ۾ جسٽس دراب پٽيل، جسٽس ڀڳوان داس، جسٽس رانا ڀڳوان داس سپريم ڪورٽ تائين پهتا ۽ چيف جسٽس جي عهدي تي به رهيا.هن ماڊل جي خوبي اها آهي ته مسلمان جج کي ماڻهو ديني طور تي وڌيڪ قبول لائق سمجهن ٿا، پر تنقيد اها آهي ته ڪڏهن ڪڏهن فرقيواريت يا مذهبي دٻاءُ فيصلي تي اثر انداز ٿي وڃي ٿو.
2. سيڪيولر جمهوري ملڪن جو ماڊل (ڀارت، برطانيه، آمريڪا، ڪينيڊا):هتي آئين مذهب کان مٿانهون آهي. جج جي مقرري جو واحد معيار ميرٽ آهي.برطانيه ۾ 2023 تائين برطانوي هاءِ ڪورٽ جي 10 سيڪڙو کان وڌيڪ جج اقليتي مذهبن (مسلم، هندو، سک، يهودي) سان تعلق رکن ٿا.آمريڪا ۾ آمريڪي سپريم ڪورٽ ۾ مسلمان جج اڃا تائين نه آيو آهي، پر فيڊرل ڪورٽن ۾ 10 کان وڌيڪ مسلمان جج جن ۾ زاهد قريشي (پاڪستاني نژاد) شامل آهن، خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. اتي يهودي ۽ ڪيٿولڪ ججن جي اڪثريت رهي آهي.ڀارت جي سپريم ڪورٽ ۾ هن وقت تائين ڪيترائي مسلمان چيف جسٽس رهيا آهن، جهڙوڪ جسٽس ايم هدايت الله، جسٽس عزيز مشابير احمدي جا نالا اهميت جوڳا آهن. انهن جي فيصلن کي هندو اڪثريت به تسليم ڪيو.هن ماڊل جي خوبي اها آهي ته هڪ هندو جو ڪيس مسلم جج وٽ ۽ مسلم جو ڪيس هندو جج وٽ وڃڻ سان عوام جو عدليه تي اعتماد وڌي ٿو ته فيصلو ذاتي عقيدي تي نه پر قانون تي ٿي رهيو آهي.
3. بين الاقوامي عدالتن جو ماڊل (ICJ، ICC):عالمي عدالت انصاف (ICJ) ۾ 15 جج دنيا جي مختلف مذهبن ۽ علائقن مان اچن ٿا. هتي هڪ مسلمان جج کي ڪنهن غير مسلم ملڪ جي حق ۾ ۽ هڪ غير مسلم جج کي فلسطين جهڙي مسلم مسئلي تي حق ۾ فيصلو ڏيندي ڏٺو ويو آهي. اهو ثابت ڪري ٿو ته اعليٰ سطح تي پيشه ورانه تربيت مذهب تي حاوي ٿي وڃي ٿي. اسلام جي تاريخ ۾ قاضي شريح جو فيصلو سڀ کان وڏو مثال آهي. خليفي وقت حضرت علي عليه السلام زرھ جي دعويٰ کڻي عدالت ۾ ويو، سامهون هڪ يهودي هو. قاضي گواهه نه هجڻ تي خليفي جي خلاف ۽ يهودي جي حق ۾ فيصلو ڏنو. اهو فيصلو هڪ مسلمان جج ڪيو هو، پر انصاف جو معيار ايترو بلند هو جو يهودي ان ئي وقت ڪلمو پڙهي ورتو.
ان جي ابتڙ ٻي عالمي جنگ کان پوءِ نيورمبرگ ٽرائلز ۾ غير مسلم ججن پنهنجي ئي هم مذهب نازي جرنيلن کي موت جي سزا ٻڌائي.نتيجو اهو نڪتو ته انصاف جي نظام ۾ بهترين جج اهو ناهي جنهن جي ڏاڙهي هجي يا جنهن جي ڳلي ۾ صليب هجي، پر بهترين جج اهو آهي جيڪو قانون کي مذهب کان وڌيڪ مقدس سمجهي۔ طاقتور جي خلاف ۽ ڪمزور جي حق ۾ فيصلو ڏيڻ جي همت رکي۔ پنهنجي ضمير جي عدالت ۾ به بري هجي۔ جتي جج عادل آهي، اتي نظام عادل آهي، چاهي اهو مسجد جي ڇانو ۾ هجي يا ڪنهن سيڪيولر عدالت ۾ هجي. ڇوته انصاف ڪنهن به رياست جو بنياد هوندو آهي. قرآن مجيد ۾ ارشاد آهي: “وَإِذَا حَكَمْتُم بَيْنَ النَّاسِ أَن تَحْكُمُوا بِالْعَدْلِ” ۽ جڏهن توهان ماڻهن جي وچ ۾ فيصلو ڪيو ته عدل سان ڪيو. هتي سوال اهو ناهي ته فيصلو ڪندڙ ڪير آهي، سوال اهو آهي ته فيصلو عدل تي ٻڌل آهي يا نه.
تاريخ ۽ موجوده دنيا ۾ انصاف جي نظام جون ٻه وڏيون شڪليون اسان جي سامهون آهن.
1. اسلامي نقطه نظر کان: اسلامي فقه ۾ قاضيء جو مسلمان هجڻ بنيادي شرط سمجهيو ويندو رهيو آهي، خاص طور تي حدود، قصاص ۽ مسلمانن جي ذاتي معاملن ۾. ان جو سبب اهو آهي ته اسلامي عدالت ۾ قرآن و سنت، فقه ۽ شريعت جي گهري سمجھ ضروري آهي پر اسلامي تاريخ ۾ ان جا روشن مثال به موجود آهن ته غير مسلمن لاءِ سندن پنهنجا جج هوندا هئا. حضرت عمر جي دور ۾ اهلِ ذمه (يهودي، عيسائي) کي پنهنجن مذهبي ۽ سول معاملن ۾ پنهنجي مذهب مطابق فيصلي جو حق ڏنو ويو هو. جيڪو اسلامي رواداري جو اصل حسن سمجهيو ويندو آهي.
2. جديد سيڪيولر ۽ آئيني نظام ۾: پاڪستان، ڀارت، برطانيه، آمريڪا جهڙن ملڪن ۾ آئين سڀ کان وڏو آهي، مذهب نه. هتي جج جي اهليت جو معيار سندس قانون جو علم، تجربو، ايمانداري ۽ آئين سان وفاداري آهي، سندس مذهب نه.پاڪستان ۾ ئي جسٽس ڀڳوان داس، جسٽس رانا ڀڳوان داس، جسٽس دراب پٽيل جهڙن غير مسلم ججن سپريم ڪورٽ ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ انهن جا فيصلا اڄ به عدل جي مثال طور پڙهايا وڃن ٿا. انهن ثابت ڪيو ته انصاف جو تعلق ڪلمي سان نه، ضمير سان هوندو آهي. ٻئي طرف جيڪڏهن هڪ مسلمان جج به تعصب، رشوت يا فرقيواريت جي بنياد تي فيصلو ڪري ته اهو اسلامي تعليمات مطابق سڀ کان وڏو ظالم آهي.
حقيقت اها آهي ته سٺو مسلمان جج اهو آهي جيڪو مسلمان ٿي ڪري به قانون مطابق فيصلو ڪري، نه پنهنجي مسلڪ مطابق. سٺو غير مسلم جج اهو آهي جيڪو غير مسلم ٿي ڪري به مظلوم مسلمان کي پورو انصاف ڏئي. ڇوته انصاف جي نظام ۾ مسلمان يا غير مسلم هجڻ خوبي يا خامي ناهي، پر جج جو ڪردار، سندس تعليم، سندس نيت ۽ سندس عدل ئي اصل معيار آهي.جيڪڏهن جج عادل آهي ته سندس فيصلو چاهي مسجد مان نڪرندڙ لکيو هجي يا مندر جي ويجهو ويهندڙ لکيو هجي، ٻنهي صورتن ۾ اهو الله وٽ محبوب آهي ۽ جيڪڏهن جج ظالم آهي ته سندس عمامو يا سندس ڪوٽ کيس ظالم هجڻ کان نٿو بچائي سگهي. ڇوته عدل جو تعلق مذهب سان نه پر دل ۽ ضمير سان هجڻ گهرجي۔

پهنجو تبصرو موڪليو