واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪا گوانتانامو بي جيل ۾ قيد ٻن ڀائرن کي پاڪستان منتقل ڪري ڇڏيو،پينٽاگون موجب عبدالرباني ۽ محمد رباني کي 2002ع ۾ گرفتار ڪيو ويو هو، آمريڪي بچاءَ واري کاتي موجب عبدالرباني کي القاعده جي هڪ اهم اڳواڻ کي مالي ۽ سفري سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ سندس ڀاءُ محمد رباني کي القاعده جي سهولتڪاري جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو هو، پينٽاگون موجب 2 ماڻهن جي منتقلي کانپوءِ گوانتانامو بي جيل ۾ قيد ماڻهن جو انگ 32 ٿي ويو آهي.










