وڏي وزير جي صدارت هيٺ پي سي آءِ سي جو اجلاس،اهم فيصلا

وڏي وزير جي صدارت هيٺ پي سي آءِ سي جو اجلاس،اهم فيصلا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ صوبائي ڪوآرڊينيشن اينڊ امپليمينٽيشن ڪميٽي (پي سي آءِ سي) جي ڏهين اجلاس ۾ ٽن گندي نالن تي حددخلين خلاف مهم تحت مقامي بي گهر ٿيندڙ ماڻهن جي لسٽ ۾ وڌيڪ 674 نالا شامل ڪرڻ، ملير ايڪسپريس وي ۽ K-IV تي ڪم تيز ڪرڻ ۽ گجر نالي جي سول ڪم کي مڪمل ڪرڻ ۽ رڪاوٽون هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اجلاس خميس ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزيرن سعيد غني، شرجيل ميمڻ، ناصر شاهه، صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، خاص مددگار قاسم نويد، ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل بابر افتخار، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، ڊي جي اين ايل سي ميجر جنرل فرخ شهزاد، صوبائي سيڪريٽريز واپڊا، ايف ڊبليو او ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته پلاننگ ڪميشن ۽ جوائنٽ سيڪريٽري تصدق وڊيو لنڪ تي موجود رهيو. ملير ايڪسپريس وي: اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملير ايڪسپريس وي جي ساڄي پاسي ڄام صادق پل ۽ ڪورنگي ڪراسنگ ڪاز وي تي ملير نديءَ سان N5 ۽ M9 جي وچ ۾ موجود لنڪ روڊ جلد رسائي ۽ سفر کي آسان بڻائيندو. 27 ارب رپين کان وڌيڪ جي لاڳت سان شروع ڪيل ان منصوبي سان هزارين مسافرن سميت بندرگاهه، ڪورنگي انڊسٽريل ايريا، لانڍي انڊسٽريل ايريا جي هيوي ٽريفڪ جي سهولت لاءِ ڏکڻ ڏانهن نئون روڊ فراهم ڪيو ويندو جيڪو نيشنل ۽ سپر هاءِ ويز ذريعي ملڪ جي ٻين شهرن ڏانهن نڪرندو. پروجيڪٽ ڄام سعديه پل کان سپر هاءِ وي (M9) تائين جي سفر ۾ 25 منٽن تائين گھٽائي ايندي. پروجيڪٽ شهر ۾ سڀ کان وڌيڪ اسٽريٽجڪ اقتصادي راهدارين مان هڪ هوندو جيڪو ايجوڪيشن سٽي، ڊي ايڇ اي سٽي ۽ بحريا ٽائون کي سپر هاءِ وي سان ڳنڍيندو. پروجيڪٽ ٽن لينن تي ٻڌل ايڪسپريس وي هوندو جنهن جي ڪل ڊيگهه 38.75 ڪلوميٽر هوندي ۽ ايڪسپريس وي تي 6 انٽرچينج ۽ 5 ويٽ برج هوندا. اجلاس ۾ اهو معاملو اٿاريو ويو ته ملٽري رستن تان مٽيريل کڻڻ جي اجازت ناهي ڏني وئي جيڪا منصوبي جي اڳڀرائي ۾ رنڊڪ بڻجي رهي آهي. ان تي ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل بابر افتخار پنهنجي ٽيم کي معاملي کي حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته هي منصوبو اهم آهي ۽ ان کي بغير ڪنهن رڪاوٽ جي مڪمل ڪيو وڃي. نالن سان حددخلي مهم: ڪمشنر ڪراچي اقبال ميمڻ ٽنهي گندي نالن محمود آباد، گجر ۽ اورنگي ۾ حددخلين خلاف مهم بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. هن چيو ته سلپ لين، اضافي ڪٽنگ، خطرناڪ عمارتن ۽ عوامي شڪايتن سميت 674 ايل ڊي پيز جي ڪري مقامي طور تي بي گھر ٿيندڙ ماڻهن جو انگ 6258 مان وڌي 6932 ٿي ويو آهي جنهن ۾ 674 ايل ڊي پيز کي رينٽل سپورٽ جي ادائيگي ۾ فرق آيو آهي. ڪمشنر اهو پڻ چيو ته 200 جي لڳ ڀڳ ڪيس فوتين جي ”شخصي تبديلي“ سميت CNIC بلاڪ ڪرڻ جا ڪيس پڻ لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنرن وٽ التوا هيٺ آهن. سنڌ جي وڏي وزير 674 ايل ڊي پيز جي اضافي ۽ نالي جي تبديلي يا رينٽل سپورٽ ادائيگي جي منظوري ڏني. گجر نالي جي ري ويمپنگ: ايف ڊبليو او جي برگيڊيئر اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڊريجنگ، ريٽيننگ وال سيور ٽرڪ جي تعمير، آر سي سي پائپ، روڊ جو ڪم ۽ ٻيا اهڙا ڪم 80 سيڪڙو کان وڌيڪ مڪمل ڪيا ويا آهن. هن وڌيڪ چيو ته باقي ڪم مڪمل ڪيو ويندو جنهن لاءِ حڪومت کي لڳ ڀڳ 2 ارب رپين جا گهربل ۽ باقي فنڊ جاري ڪرڻا آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هو وفاق سان ڳالهائيندو ته گهربل فنڊ جاري ڪيا وڃن ته جيئن سمورا ڪم مينهوڳي مند کان اڳ مڪمل ٿي سگهن. سنڌ جي وڏي وزير مڪاني ادارن واري کاتي کي هدايت ڪئي ته وڏن نالن جي باقاعده صفائي ڪرائي وڃي. ڪي-فور: واپڊا سائڊ گريٽر ڪراچي بلڪ واٽر سپلاءِ جي پي ڊي عامر مغل اجلاس کي ٻڌايو ته واپڊا پاران ڪيل ڪمن ۾ ڪينجهر ڍنڍ تي 650 ايم جي ڊي انٽيڪ اسٽرڪچر جي تعمير، ڪينجهر پمپنگ ڪمپليڪس مان 650 ايم جي ڊي گريوٽي چينل جو قيام شامل آهي. ڪينجهر پمپنگ ڪمپليڪس جي تعمير ٻن پمپنگ اسٽيشنن لڳائڻ سان، هر هڪ 130 ايم جي ڊي، سمورن اپرٽيننٽ اسٽرڪچرز (260 ايم جي ڊي) ۽ ٽن آبي ذخيرن ۽ فلٽريشن پلانٽن سان پريشرائيز پائپ لائن ڪنوينس جي بهتري شامل آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته منصوبي جي مجموعي رفتار 10 سيڪڙو آهي، جنهن تي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هن وقت تائين 21 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿيڻ گهرجي ها جنهن تي هن پي ڊي کي ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪي فور جي هلندڙ ڪمن لاءِ 23.1 ارب رپيا جاري ڪيا ويا هئا جيڪي استعمال ڪيا ويا آهن ۽ هاڻ جاري خرچن کي پورو ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 45 ارب رپين جي ضرورت آهي. ان تي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هو وفاق کي درخواست ڪندو ته فنڊ جاري ڪيا وڃن ته جيئن منصوبي کي مڪمل ڪري سگهجي. سيڪريٽري بلديات نجم شاهه چيو ته صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي ته ڊسٽريبيوشن/آگمينٽيشن سسٽم، پاور سپلائي جو بندوبست (50 ميگاواٽ) ۽ لينڊ ايڪوزيشن/ڪليئرنس آف رائٽ آف وي (ROW) مسئلن کي حل ڪري. هن چيو ته توانائي کاتي کي پمپنگ ڪمپليڪس کي 50 ميگاواٽ بجلي فراهم ڪرڻ لاءِ ٽرانسميشن لائين وڇائڻي آهي ۽ سنڌ جي وڏي وزير اڳ ۾ ئي حيسڪو کان بجلي جي فراهمي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت اجلاس کي ٻڌايو ته هن لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنرن کي واضح هدايتون ڏنيون آهن ته زمين قبضي جا مسئلا حل ڪري کين رپورٽ ڏني وڃي. ڪي بي فيڊر: سيڪريٽري آبپاشي سهيل قريشي اجلاس کي ٻڌايو ته ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ (ڪي ڊبليو اينڊ ايس بي) مختلف وسيلن کان سڄي شهر جي پاڻي جي ضرورت جو انتظام ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪينجهر ڍنڍ هڪ اهم ذريعو آهي جنهن مان ڪينجهر گجو ڪئنال ذريعي ڪراچي کي 1200 ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو ويندو آهي جڏهن ته 1991ع جي معاهدي موجب ڪراچي جو حصو فقط 600 ڪيوسڪ آهي. اجلاس کي اهو پڻ ٻڌايو ويو ته ڪوٽڙي بئراج هيڊ جي ساڄي پاسي وارو ڪلري باغ فيڊر مٿاڇري ڪينجهر ڍنڍ کي پاڻي پهچائڻ جو واحد ذريعو آهي. ھن فيڊر جي ڊيگهه 38 ميل آھي جنھن جو ڊسچارج 9100 ڪيوسڪ آھي. سيڪريٽري آبپاشي ٻڌايو ته هن وقت ڪلري باغ فيڊر جو مٿانهون وهڪرو9100 ڪيوسڪ جي ڀيٽ ۾ 7700 وهڪرو آهي. صوبائي حڪومت، وفاقي حڪومت سان گڏجي 1200 اضافي ڊسچارج لاءِ نئون منصوبو K-IV شروع ڪيو آهي، سيڪريٽري آبپاشي چيو ته هن ڪي بي فيڊر جي لائيننگ لاءِ هڪ اسڪيم تيار ڪئي آهي جنهن کي PDWP ڪليئر ڪيو آهي ۽ وڌيڪ پروسيسنگ لاءِ CDWP کي موڪليو ويو آهي. ان تي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ساڻس منظوري لاءِ وفاقي وزير احسن اقبال سان ڳالهائيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو