چڪوال (ويب ڊيسڪ)چڪوال جي علائقي ڪلرڪهار ويجهو بس حادثي جي نتيجي ۾ 14 ڄڻا فوت ۽ 60 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. موٽر وي پوليس موجب بس اسلام آباد کان لاهور وڃي رهي هئي ته ڪلارڪهار ويجهو حادثو پيش آيو، بس ۾ بارودي ماڻهو سوار هئا.ريسڪيو ذريعن موجب بس بريڪ فيل ٿيڻ سبب بي قابو ٿي ٻئي ٽريڪ تي چڙهي وئي ۽ ٻئي ٽريڪ تان ايندڙ 3 گاڏين سان ٽڪرائجي وئي، فوتين ۾ 6 عورتون به شامل آهن.ان کان اڳ چکوال جي ڊپٽي ڪمشنر قرة العين ملڪ ٻڌايو ته بس حادثي جي نتيجي ۾ 9 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 64 ڄڻن کي زخمي حالت ۾ بس مان ڪڍيو ويو.هن چيو ته زخمين ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به شامل آهن.حادثي ۾ زخمي ٿيلن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، حادثي واري هنڌ امدادي ڪارروايون جاري آهن.










