شوڪت ترين کي اشتهاري قرار ڏيڻ لاءِ ايف آءِ اي ڪارروائي شروع

شوڪت ترين کي اشتهاري قرار ڏيڻ لاءِ ايف آءِ اي ڪارروائي شروع

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي ناڻي واري وزير شوڪت ترين تي غداري جي ڪيس ۾ ايف آءِ اي وڌيڪ اڳڀرائي شروع ڪري ڇڏي آهي. ايف آءِ اي ذريعن موجب ڪيس جي مُک جوابدار شوڪت ترين جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ ۽ کيس اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي. اشتهاري قرار ڏيڻ کان پوءِ ايف آءِ اي شوڪت ترين کي گرفتار ڪرڻ لاءِ قدم کڻندو. شوڪت ترين جي گرفتاري لاءِ انٽرپول کان به مدد ورتي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو