پٺاڻ جي ڪاميابي ڪرينا ڪپور جو موقف تبديل

پٺاڻ جي ڪاميابي ڪرينا ڪپور جو موقف تبديل

ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ اداڪارا ڪرينا ڪپور چيو آهي ته اڄڪلهه ماڻهو سٺيون فلمون ڏسڻ چاهين ٿا.ڀارتي ميڊيا موجب ڪرينا ڪپور جي فلم ”لال سنگهه چڊا“ جي رليز کان اڳ بائيڪاٽ جو مطالبو ڪيو ويو جنهن سبب فلم باڪس آفيس تي ڪامياب نه ٿي سگهي.ان موقعي تي اداڪارا چيو ته جيڪڏهن توهان اسان جون فلمون ڏسڻ نٿا چاهيو ته پوءِ سئنيما نه اچو، ڪو به توهان کي مجبور نه ڪري.رپورٽن مطابق شاهه رخ خان جي فلم ”پٺاڻ“ جي رليز ۽ ڪاميابي کانپوءِ ڪرينا ڪپور جو نظريو به تبديل ٿي ويو آهي.ڪرينا ڪپور جو چوڻ آهي ته ماڻهو سٺيون فلمون ڏسڻ چاهين ٿا، ڪورونا جي خاتمي سبب ماڻهن جو وڏو انگ سينما گهرن ڏانهن وڃي رهيو آهي.هن چيو ته مان صنعت کي صحيح رخ تي گامزن ڏسي خوش آهيان.

پهنجو تبصرو موڪليو