ڪراچي جي 9 سيٽن تي ٿيندڙ چونڊن لاءِ سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي جي 9 سيٽن تي ٿيندڙ چونڊن لاءِ سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ 16 مارچ تي ٿيندڙ ضمني اليڪشن ۾ سيڪيورٽي جو معاملو سنڌ جي گهرو کاتي پاران ڪراچي جي 9 سيٽن تي ٿيندڙ ضمني چونڊن ۾ رٽرننگ آفيسرن کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جو حڪم۔ ريٽرننگ آفيسرن جي آفيسن جي سڪيورٽي به سخت ڪئي وڃي. سنڌ جي گهرو کاتي آءِ جي سنڌ ۽ ڊي جي رينجرز کي خط لکي ڇڏيو، گهرو کاتي موجب تازو مڪاني چونڊن ۾ اليڪشن ڪميشن جي عملي تي حملي کانپوءِ اھڙا قدم کنيا ويا آهن. سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪري گهرو کاتي کي آگاهه ڪيو وڃي گھرو کاتي پاران صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ اعجاز انور چوھاڻ، چيف سيڪريٽري سنڌ کي به آگاھ ڪيو ويو آهي۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو