اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ نيب ترميمن خلاف عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال چيو آهي ته موجوده پارليامينٽ کي ڄاڻي واڻي نامڪمل رکيو ويو آهي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس عمر عطا بنديال عام چونڊن جو ذڪر ڪندي پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته موجوده پارليامينٽ طرفان پاس ڪيل قانون به تڪراري بڻجي رهي آهي.هن چيو ته ملڪ جي سمورن مسئلن جو حل عوام جي فيصلي سان ئي ممڪن آهي، موجوده حڪومت کي قائم 8 مهينا گذري ويا آهن.وفاقي حڪومت جي وڪيل مخدوم علي خان دليل ڏيندي چيو ته عمران خان کي نيب ترميم تي دعويٰ ڪرڻ جو ڪو حق ناهي، عدالت کي آرٽيڪل 184-3 تي محتاط رهڻ گهرجي، آرٽيڪل 184 III عوامي معاملن تي لاڳو ٿئي ٿو.چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته موجوده ڪيس جون حقيقتون مختلف آهن، ملڪ جي سڀ کان وڏي سياسي پارٽي جي سربراهه نيب ترميمن کي چئلينج ڪيو آهي، ملڪ ۾ سخت سياسي ڇڪتاڻ ۽ بحران آهي، پي ٽي آءِ پهريون ڀيرو پارليامينٽ مان نڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو آهي. واضح رهي ته تحريڪ انصاف پارليامينٽ ۾ واپسي جو فيصلو ڪري ورتو آهي، درخواستگذار عمران خان عام شهري ناهي، حڪومت ڇڏڻ کانپوءِ به عمران خان کي عوام جي ڀرپور حمايت حاصل آهي.چيف جسٽس چيو ته عدالت به قانون سازي ۾ مداخلت نٿي چاهي، عدالت پاڻمرادو نوٽيس ناهي ورتو، نيب جي ترميمن خلاف درخواست آئي آهي، عدالت اڳ به هڪ ڀيرو پنهنجي فيصلي تي افسوس جو اظهار ڪري چڪي آهي، تاريخ پاڪستان جو صرف هڪ وزير اعظم هو جنهن کي تمام ايماندار سمجهيو ويندو هو، هڪ ايماندار وزير اعظم جي حڪومت کي 58 کان بي تحت ختم ڪيو ويو، آرٽيڪل 58 کان بي هڪ سخت قانون هو.چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال چيو آهي ته عدالت 1993ع ۾ اعلان ڪيو ته حڪومت غلط ٿي وئي پر هاڻي چونڊون ٿيڻ گهرجن، دعويٰ درست آهي يا نه ان سان فرق نٿو پوي.










