فرح گوگي 3 سالن ۾ 160 ڪروڙ روپيا رشوت ورتي: تارڙ

فرح گوگي 3 سالن ۾ 160 ڪروڙ روپيا رشوت ورتي: تارڙ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم جي صلاحڪار عطاءُالله تارڙ چيو آهي ته فرح گوگي 3 سالن دوران هڪ ارب 60 ڪروڙ روپين جي رشوت ۽ ڪميشن وصول ڪئي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران عطاءُالله تارڙ چيو ته عمران خان سياسي جدوجهد جو ڊرامو ڪندو آهي. هن کي مشڪل وقت ۾ صرف لڪڻ ۽ ڀڄڻ ايندو آهي. ڪوڙ، منافقت ۽ ڌوڪي جو ٻيو روپ عمران خان آهي. جيل ڀريو تحريڪ عدالتن کان ڇوٽ وٺڻ جي تحريڪ ۾ بدلجي وئي آهي. عطاءُالله تارڙ چيو ته ٽيريان ڪيس ۾ عمران خان عدالتي اختيار کي چئلنيج ڪري ڇڏيو آهي هو جيترا تاريخي حربا استعمال ڪندو اوترو وڌيڪ ڦاسندو. کيس ڌيءَ ٽيريان ۽ توشه خانه ڪيس جو جواب ڏيڻو پوندو. وزيراعظم جي صلاحڪار چيو ته عثمان بزدار کي صرف پئسا ڪمائڻ جي لاءِ پنجاب جو وڏو وزير مقرر ڪيو ويو. هن گهڙيون ۽ هار به نه ڇڏيا. پنجاب جو اڳوڻو وڏو وزير مقررين ۽ بدلين تي به رشوت وٺندو هو. احسن جميل گجر کان اسان به ڪيترن ماڻهن جي سفارش ڪئي آهي. منهنجو ننڍو ڀاءُ پاڻ احسن جميل گجر وٽ سفارش جي لاءِ ويو آهي. عطاءُالله تارڙ چيو ته محمد انوارالحق ولد عطا محمد فرح گوگي جي اڪائونٽ ۾ 754 بينڪ ٽرانزيڪشن ذريعي 86 ڪروڙ 29 لک روپيه جمع ڪرايا آهن. اهڙي طرح فيصل مسيح، احمد منصور ۽ نواز به آهن جنهن 3 سال دوران گڏيل طور تي 959 ٽرانزيڪشن ۾ هڪ ارب 60 ڪروڙ روپيه روڪ جمع ڪرايا آهن. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته ڪوبه اهڙو ڪاروبار ٻڌايو جنهن ۾ ڪا بينڪ ٽرانزيڪشن، ڪراس چيڪ، مني آرڊر يا پي آرڊر ناهي. صرف روڪ رقم جمع ڪرائي وئي آهي. فرح گوگي کي عمران خان ۽ بشريٰ بي بي فرار ڪرايو آهي. 23 ڪروڙ روپين جي اثاثن جي مالڪياڻي فرح گوگي 3 سالن دوران هڪ ارب 60 ڪروڙ روپيه ڪيئن ڪمائي وٺي ٿي. عطاءُالله تارڙ چيو ته عمران خان ۽ بشريٰ بي بي فرح گوگي جا حصيدار هئا. عمران خان جي نڪاح ۾ فرح گوگي گواهه آهي. هو پاڪستان ڇو نٿي اچي. هو پاڪستان اچي نيب ۽ ايف آءِ اي جي ڪيسن کي منهن ڏئي. عمران نيازي 2019 ۾ فرح گوگي ۽ سندس مڙس کي ايمنسٽي اسڪيم ذريعي فائدو پهچايو. هن چيو ته جيڪڏهن عمران خان ڪرپشن ناهي ڪئي ته فرح گوگي کي واپس آڻي پر ائين نه ٿيندو ڇو ته فرح گوگي جيڪڏهن واپس آئي ته سڀ ڪجهه ظاهر ٿي ويندو ۽ فرح عمران خان لاءِ وڏو مسئلو بڻجي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو