شيخ رشيد خلاف ڪراچي ۽ حب ۾ داخل ڪيس عدالت پاران معطل

شيخ رشيد خلاف ڪراچي ۽ حب ۾ داخل ڪيس عدالت پاران معطل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۽ حب ۾ داخل ڪيسن ۾ شيخ رشيد خلاف ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس طارق محمود جهانگيري شيخ رشيد جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.شيخ رشيد جي وڪيل چيو ته عدالت ابپارا پوليس اسٽيشن جي طلبي تي وڌيڪ ڪارروائي کان روڪيو هو پر پوليس هڪ ئي درخواست تي ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو، ڪراچي ۾ ٻي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي جڏهن شيخ رشيد پوليس جي حراست ۾ هو. جسٽس طارق محمود جهانگير چيو ته بيان جي جاءِ پولي ڪلينڪ اسپتال آهي، پوءِ ڪراچي ۾ ڪيس ڪيئن داخل ڪيو ويو؟سپريم ڪورٽ ڪراچي جي علائقي موچڪو ۽ بلوچستان جي علائقي حب ۾ شيخ رشيد خلاف داخل ڪيسن ۾ ڪارروائي کان روڪيندي بار ڪائونسلن، اٽارني جنرل ۽ ايڊووڪيٽ جنرل کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.عدالت پڇاڻو ڪيو ته هڪ ئي واقعي تي مختلف شهرن ۾ ايف آءِ آر ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟ وڪيل شيخ رشيد چيو ته ٽيون ڪيس مري ۾ داخل ٿيو، عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا انهن ٽنهي ڪيسن ۾ گرفتاريون ٿيون آهن؟ شيخ رشيد جي وڪيل چيو ته رڳو هڪ ڪيس ۾ گرفتاري ٿي آهي.جسٽس طارق محمود چيو ته قانون چوي ٿو ته جڏهن هڪ ڪيس ۾ گرفتاري ٿيندي آهي ته باقي ڪيس ۾ به گرفتاري ٿيندي آهي.وڪيل شيخ رشيد چيو ته شيخ رشيد کي 6 ڪلاڪن تائين اڻڄاتل جاءِ تي ڪرسي تي بند ڪيو ويو، جنهن دوران سياسي سوال پڇيا ويا ۽ تشدد پڻ ڪيو ويو. جسٽس طارق محمود جهانگيري چيو ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته اهو سلسلو ڪٿي رڪندو، توهان سيڪريٽري اطلاعات، ايم ڊي ٽي وي خلاف دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا هئا، هاڻي توهان جي خلاف به اهو ئي ٿي رهيو آهي، جيڪڏهن توهان ورتو ته ڇا ٿيندو؟ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 9 فيبروري تائين ملتوي ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو