بدين(ن س) پاڪستان تحريڪ انصاف ضلع بدين طرفان پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون وڌڻ سبب بي انتھا مھنگائي وڌڻ خلاف پي ٽي آ ئي ضلع بدين جي صدر عزيز الله ڏيرو جنرل سيڪريٽري حاجي غلام رسول ميمڻ اطلاعات سيڪريٽري لالا نواز شيخ ۽ عورتاڻي ونگ جي جنرل سيڪريٽري سيده پارس شاه ۽ بدين جي وارڊ نمبر ھڪ تان چونڊيل ڪائونسلر شاھجھان خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ انصاف ھائوس کان الله والا چوڪ تائين پاڪستان جي حقيقي آزادي ۽ ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي خلاف ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ھنن اڳواڻن ان موقع تي خطاب ڪندي چيو ته موجوده امپورٽيڊ حڪومت ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي ۽ ملڪ جي اڪثريتي آبادي غريبن کي ماني ڳڀي کان به محروم ڪري ڇڏيو آهي ھنن چيو ته اڃان ڪجهه عرصو شريف ۽ زرداري خاندان ملڪ تي قابض رھيا ته ملڪ ۾ خانا جنگي وارو ماحول پيدا ٿي ويندو ھنن چيو ته اگر اھي ملڪ ۽ عوام جا ھمدرد آهن ته ھنن کي ملڪ ۾ عام چونڊن ڪرائڻ جي تاريخ ڏيڻي پوندي ٻئي صورت ۾ عوام ھنن کي ايوانن مان گھلي ڪڍندو










