آفيسرن ۽ سندن خاندانن جي اثاثن جا تفصيل جمع ڪرائڻ جو حڪم

آفيسرن ۽ سندن خاندانن جي اثاثن جا تفصيل جمع ڪرائڻ جو حڪم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي شرط تي عملدرآمد شروع ٿي ويو آهي.گريڊ 17 کان 22 تائين جي آفيسرن ۽ سندن خاندانن جي اثاثن جا تفصيل جمع ڪرائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.بئنڪن کي لازمي هوندو ته اهي سمورن آفيسرن ۽ انهن جي خاندانن جي اڪائونٽ جا تفصيل فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) کي فراهم ڪن.بئنڪ آفيسر ۽ سندن خاندان سال ۾ ٻه ڀيرا تفصيل ڏيڻ جا پابند هوندا، سرڪاري آفيسرن جي بي نامي ملڪيتن جي مڪمل روڪٿام ڪئي ويندي.سرڪاري آفيسرن جا اثاثا مني لانڊرنگ مان ڪليئر ڪيا ويندا، گريڊ 17 کان 22 تائين جي آفيسرن جي اثاثن جا تفصيل به لاڳاپيل ادارن سان شيئر ڪيا ويندا.نوٽيفڪيشن موجب سمورا بئنڪ 31 جنوري ۽ 31 جولاءِ تي ايف بي آر کي تفصيل فراهم ڪندا، اسٽيٽ بئنڪ بئنڪ اڪائونٽس جا تفصيل شيئر ڪرڻ جي نگراني ڪندو، ايف بي آر جي سهڪار لاءِ بئنڪ فوڪل پرسن مقرر ڪندا…..

پهنجو تبصرو موڪليو