اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي استعيفيٰ واري معاملي تي واضح ڪري ڇڏيو.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته هن پارٽي جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي پر مان پارٽي سان گڏ آهيان ۽ هميشه ان ئي پارٽي سان گڏ رهندس.هن چيو ته مريم نواز قيادت جي عهدي تي آئي آهي، کيس جاءِ جي ضرورت آهي، جيڪڏهن اسان آهيون ته اختلاف ٿيندو جيڪو ڪنهن لاءِ مناسب ناهي، جڏهن نئين نسل ايندي ته پراڻن کي نئين ڪردار ۾ اچڻو پوندو.










