مهانگائي خلاف پورهيتن جو گاھ کائي انوکو احتجاج

مهانگائي خلاف پورهيتن جو گاھ کائي انوکو احتجاج

دڙو (ن س) دڙو ۾ مهانگائي خلاف پورهيتن جو گاھ کائي انوکو احتجاج، عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ خلاف پورهيتن پاران گاھ کائي احتجاج ڪيو. دڙو ۾ نواز پوڙھو ميمڻ، کمن ماڇي ۽ ٻين پورھيتن جي اڳواڻي ۾ پنڃاري پل چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي، ھنن جو چوڻ آھي، تہ اٽي سميت کاڌ خوراڪ جي شين جا اگھ آسمان تي پهچي ويا آهن، غريب بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، ھنن حڪومت کان مطالبو ڪيو تہ کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ گهٽتائي آڻي غريب ۽ پورهيت طبقي جي ماڻهن کي بک وگهي مرڻ کان بچايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو