اڪري چودڳي (وسيم سولنگي ) حيدر شاھ اسٽاپ وٽ دوا لاءِ ايندڙ موٽر سائيڪل سوارن جو ٽرالر سان ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 60 سالا مسمات هاجران ٿڏي تي فوت ٿي وئي جڏھن ته احسان مري ۽ عورت تحمل خاتون زخمي ٿي پيا جنهن کي فور طور اسپتال پهچايو ويو. واضح رهي ته مھراڻ ھاءِ وي تي تيل ۽ ٽول ٽيڪس بچائڻ لاءِ ھيوي ٽريفڪ گذري ٿي جنهن جي ڪري حادثا روز جو معمول بڻيل آھن.










