ڪراچي(ويب ڊيسڪ)اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته پورهيتن ۽ مزدورن جي گهٽ ۾ گهٽ ماهوار پگهار 35 هزار مقرر ڪئي وڃي.اڳوڻي صدر جو چوڻ آهي ته مزدور جي پگهار 35 هزار مقرر ڪرڻ جو فيصلو سرڪاري سطح تي ٿيڻ گهرجي.هن چيو ته حڪومت عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ قدم کڻي.آصف زرداري جو اهو به چوڻ آهي ته عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ۽ رليف ڏيڻ حڪومت جي ذميواري ۽ فرض آهي.










