لنڊن(ويب ڊيسڪ)گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جو ڪو ارادو ناهي پر عمران خان جي بيانن مان لڳي ٿو ته کيس هڪ ڀيرو گرفتار ڪيو وڃي ته جيئن ڏسون ته هو ڪهڙو طوفان برپا ڪرڻ چاهي ٿو.لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته فواد چوڌري خلاف داخل ايف آءِ آر بلڪل درست آهي، جيڪي ماڻهو فواد چوڌري جي گرفتاري کي حڪومتي انتقام سمجهن ٿا اهي هڪ ڀيرو وڃي ايف آءِ آر ڏسن ته خبر پئجي ويندي ته ڪيس ڇا آهي. اليڪشن ڪميشن کان هو.هن چيو ته هو سڀاڻي پاڪستان واپس وڃي رهيو آهي، اڄ نواز شريف سان ملاقات ٿي آهي، مريم نواز نواز شريف کان هدايتون وٺي پهرين فيبروري کان پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جو دورو ڪندي. فواد چوڌري اليڪشن ڪميشن خلاف ڳالهايو، جنهن تي اليڪشن ڪميشن ايڪشن ورتو.هن چيو ته هو هن وقت عمران نيازي جي گرفتاري جي حق ۾ ناهي پر عمران نيازي جنهن قسم جي ڳالهه ڪري رهيو آهي مون کي لڳي ٿو ته کيس گرفتار ڪيو وڃي.










