ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اسٽيٽ بئنڪ وياج جي شرح ۾ واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد پريس ڪانفرنس دوران مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪندي چيو ته وياج جي شرح ۾ هڪ سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪيو پيو وڃي، سود جي شرح 16 مان وڌائي 17 سيڪڙو ڪئي وئي آهي.هن چيو ته ڪميٽي جي راءِ هئي ته مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ شرح سود ۾ هڪ سيڪڙو واڌ ڪئي وڃي، مهانگائي مضبوط آهي، قيمتن ۾ استحڪام ضروري آهي. هن چيو ته قرضن جي ادائگي سبب پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا گهٽجي ويا آهن، قرضن مان 15 ارب ادا ڪيا ويا آهن، مالي سال جي باقي مهينن ۾ 8 ارب ڊالر باقي آهن، ٽي ارب ڊالر ورتا ويندا. گورنر اسٽيٽ بئنڪ موجب 6 مهينن ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 3.7 ارب ڊالر آهي، هن مالي سال ۾ اسان جي ضرورت 33 ارب ڊالر آهي.هن چيو ته ڪنٽينر بند ٿيڻ جو سبب اسٽيٽ بئنڪ جي حڪمن تي عمل نه ڪرڻ آهي، اسٽينڊنگ ڪنٽينرز کي هٽائڻ لاءِ ايسوسيئشنز کان تفصيل جمع ڪرايو، ڪنٽينر ڇڏڻ جو طريقيڪار بينڪن کي ڏنو ويو آهي.










