ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ملڪ ۾ سون جو اگهه وڌڻ جو سلسلو اڄ به جاري رهيو.آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 1200 رپيا واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي اگهه هڪ لک 87 هزار 200 رپيا ٿي وئي آهي.اهڙي ريت 10 گرام سون 1029 رپيا وڌڻ کانپوءِ هڪ لک 60 هزار 494 رپين جو ٿي ويو آهي.هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر ٻه ڊالر واڌ سان 1927 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.










