لاڙڪاڻو/ ٽنڊو باگو( نمائندن وٽان) شهر جي ممتاز ڪالوني ۾ هٿياربندن جي موٽر سائيڪل سوارن تي فائرنگ، گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ ضمير سوڍر ٿڏي تي مارجي ويو، جڏهن ته شريف سوڍر زخمي ٿي پيو آهي.

پوليس موجب واقعو سوڍر برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي دشمني جو نتيجو آهي ****ٽنڊو باگو لڳ ڳوٺ حاڪم خان ڀرڳڙيءَ جو رهواسي 23 سالا نوجوان علي اڪبر ڀرڳڙي پُٽ ديدار علي گھر ۾ پاڻي واري موٽر مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو. نوجوان سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن ۾ استاد ھو










