اقليتي اڳواڻ جي اپيل تي مندر ساڙيندڙن کان وصولي روڪڻ جو حڪم

اقليتي اڳواڻ جي اپيل تي مندر ساڙيندڙن کان وصولي روڪڻ جو حڪم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اقليتي اڳواڻ جي اپيل تي سپريم ڪورٽ خيبرپختونخواهه جي ضلعي ڪرڪ ۾ مندر ساڙڻ وارن کان وصولي روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ جي جسٽس اعجاز الحسن جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ ڪرڪ تيري مندر کي نقصان پهچائڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، اقليتي اڳواڻ ايم اين اي رميش ڪمار سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيو ۽ عدالت کي ٻڌايو ته ڪرڪ تيري مندر جي تعمير مڪمل ٿي چڪي آهي. ڪيو ويو آهي، مندر جي بحالي ۽ مرمت جو ڪم به ڪرايو ويو آهي، هاڻ ڪرڪ مندر واري علائقي ۾ هندن ۽ مسلمانن ۾ سٺي هم آهنگي آهي، رميش ڪمار چيو ته عدالت مندر کي نقصان پهچائڻ وارن کان وصولي جو حڪم ڏنو هو، صوبائي حڪومت جن مندر کي نقصان پهچايو انهن کان ڪجهه وصوليون ڪيون آهن، جيڪڏهن عدالت مناسب سمجهي ته وصولي جو اهو سلسلو بند ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته جن مندر کي نقصان پهچايو آهي انهن معافي گهري آهي. اقليتي اڳواڻ رميش ڪمار جي درخواست تي عدالت مندر کي باهه ڏيڻ وارن کان وصولي روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو