پاڪستان جي تعمير لاءِ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري جو مطالبو

پاڪستان جي تعمير لاءِ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري جو مطالبو

جنيوا(ويب ڊيسڪ)گڏيل قومن جي سربراهه انتونيو گوتريس پاڪستان جي بحاليءَ لاءِ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري جو مطالبو ڪيو آهي.انتونيو گوتريس جنيوا ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان موسمياتي تباهي ۽ عالمي مالياتي نظام جي ديوال جو شڪار آهي.هن چيو ته ٻوڏن دوران پاڪستان کي پهچندڙ نقصان تي ڪو به شڪ ناهي، پاڪستان جهڙن ترقي پذير ملڪن کي قرضن جي ازالي ۽ مالي امداد تائين رسائي حاصل ڪرڻ لاءِ تخليقي طريقا ڳولڻ جي ضرورت آهي.هن وڌيڪ چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل تي ڪاربن جي اخراج جي وڌندڙ رجحان کي رد ڪيو وڃي.انتونيو گوتريس ترقي يافته ملڪن کان پاڪستان کي وڌيڪ مالي مدد ڏيڻ جو به مطالبو ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو