جدهه(ويب ڊيسڪ)سعودي عرب جي تيز رفتار حرمين ٽرين کي هلائڻ لاءِ 24 عورت ڊرائيورن جي تربيت مڪمل ڪئي وئي آهي.ساره، هڪ ڊرائيور جنهن ٽريننگ مڪمل ڪئي، چيو ته هوءَ ۽ سندس ساٿين کي فخر آهي ته هو وچ اوڀر جي تيز رفتار ٽرين کي هلائڻ جو اعزاز حاصل ڪري رهيا آهن.هڪ ٻي عورت ڊرائيور نورا چيو ته سندس ڪلهن تي وڏي ذميواري رکي وئي آهي.نورا چيو ته عمري يا حج لاءِ ايندڙ مسافرن کي بحفاظت پهچائڻ اسان جو فرض هوندو.










