اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي وڪيل کي نااهلي ڪيس ۾ لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت ڏئي ڇڏي آهي ته سندس مبينا ڌيءَ تيريان کي دستاويزن ۾ ظاهر نه ڪيو وڃي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس عامر فاروق عمران خان جي نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران عمران خان جو وڪيل سلمان اڪرم راجا ايڊووڪيٽ ۽ اليڪشن ڪميشن جو وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا. عمران خان جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته عمران خان جي مبينا ڌيءَ تيريان ڪيس جو فيصلو ٿي چڪو آهي.چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته توهان ان حوالي سان لکت ۾ جواب جمع ڪرايو.اليڪشن ڪميشن جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته اهو معاملو اسان وٽ اڳ به ڪيترائي ڀيرا اچي چڪو آهي ۽ درخواستون رد ڪيون ويون آهن.عدالت ٻنهي ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد عمران خان جي وڪيل کي لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 19 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










