سليمان شهباز جي 14 ڏينهن جي حفاظتي ضمانت منظور

سليمان شهباز جي 14 ڏينهن جي حفاظتي ضمانت منظور

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گادي واري شهر جي هاءِ ڪورٽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي پٽ سليمان شهباز جي 14 ڏينهن لاءِ حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي. اڱاري تي ٻڌڻي دوران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق کي سليمان جي وڪيل ٻڌايو ته سندس موڪل کي اسپيشل جج سينٽرل لاهور آڏو پيش ٿيڻو آهي. سندس حفاظتي ضمانت منظور ڪندي، عدالت سليمان شهباز کي 14 ڏينهن اندر لاهور جي خاص عدالت ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي. سليمان برطانيه ۾ چار سالن جي جلاوطني کان پوءِ آچر جي صبح جو پاڪستان واپس آيو. هو 2018ع کان پنهنجي خاندان سان گڏ لنڊن ۾ هو جڏهن نيب عام چونڊن کان اڳ مٿس ڪيترائي ڪيس داخل ڪيا ۽ ڪجهه ٻڌڻين ۾ پيش ٿيڻ بعد هو پاڪستان مان روانو ٿي ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو