اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته ڪرپشن ملڪ جي پاڙن کي کوکلي ڪري تباهي طرف وٺي وڃي ٿي. ڪرپشن جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڪرپشن ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه ۾ وڏي رڪاوٽ آهي. وزيراعظم چيو ته سماجي قدرن جي زوال سان معاشري ۾ ڪرپشن جي شرح وڌي ٿي ۽ ڪرپشن ملڪ جي پاڙن کي کوکلي ڪري تباهي طرف وٺي وڃي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته ڪرپشن سبب ملڪ جي دولت شرپسندن جي هٿن ۾ وڃڻ جو خطرو وڌي ٿو. شهباز شريف چيو ته ن ليگ جي دور ۾ ملڪ ۾ ڪرپشن جي شرح گهٽ ٿي.










