راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)اتر وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز ڪارروائي ڪندي مطلوب دهشتگرد ڪمانڊر محمد نور عرف سرڪي کي ماري ڇڏيو. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان جي علائقي شيوا ۾ سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ دهشتگرد ڪمانڊر محمد نور عرف سرڪي مارجي ويو، هٿيار ۽ بارود دهشتگردن کان پڻ برآمد ڪيو ويو.آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگرد سڪيورٽي فورسز خلاف دهشتگردي جي ڪاررواين سميت ٻين وارداتن ۾ ملوث هو.










