پنجاب ۽ ڪي پي ۾ ڪوهيڙو، موٽر وي مختلف هنڌن تي ٽريفڪ لاءِ بند

پنجاب ۽ ڪي پي ۾ ڪوهيڙو، موٽر وي مختلف هنڌن تي ٽريفڪ لاءِ بند

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي مختلف علائقن ۾ اڃا به ڪوهيڙو برقرار آهي، جڏهن ته موٽر وي کي مختلف هنڌن تان هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي.موٽر وي پوليس ترجمان موجب موٽر وي ايم 2 لاهور کان ڪوٽ مومن، لاهور ملتان موٽر وي ايم 3 فيض پور کان درخاني ۽ موٽر وي ايم 5 شجاع آباد، جلالپور انٽرچينج ڪوهيڙي سبب بند رهنديون.موٽر وي پوليس موجب موٽر وي ايم 4 کي پنڊي ڀٽان کان درخاني تائين بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته موٽر وي ايم ون برهان کان صوابي سوات ايڪسپريس وي تي ڪرنل شير خان انٽرچينج کان اسماعيله تائين ٽريفڪ معطل آهي.موٽر وي پوليس شهرين کي هدايت ڪئي آهي ته هو فوگ لائيٽ جو استعمال ڪن ۽ ڪوهيڙي سبب ڊرائيونگ دوران احتياطي تدبيرون اختيار ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو