اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان ملڪ جي خصوصي ماڻهن لاءِ صحت انصاف ڪارڊ جاري ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم هائوس جي آڊيٽوريم ۾ منعقد ڪيل تقريب ۾ هن چيو ته هن ڪارڊ تي معذور ماڻهو جي خاندان جا ماڻهو پاڪستان جي بهترين اسپتال ۾ 7 لک 20 هزار تائين جو علاج مفت ڪرائي سگهندا. هن چيو ته ڪينسر جو علاج امير ماڻهولاءِ مشڪل آهي ته غريب ڪيئن ڪرائي سگهندو. هن چيو ته ملڪ ۾ 25 کان 4 سيڪڙو ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذارن ٿا. هن چيو ته هتي ڪو چوي ٿو ته پاڪستان کي ايشيا جو ٽائيگر ٺاهينداسين پر هي اسلامي ملڪ آهي هتي ته شريعت موجب اسلامي فلاحي رياست ٺاهڻي هئي. هن چيو ته اسان جي حڪومت جو مقصد غريب ۽ هيٺين طبقي جي ماڻهن کي سهولت ڏيڻ آهي.










