وزيراعظم سان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي الوداعي ملاقات

وزيراعظم سان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي الوداعي ملاقات

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا وزيراعظم شهباز شريف سان الوداعي ملاقات ڪئي.ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته جنرل قمر جاويد باجوا جي قيادت ۾ پاڪ فوج ايف اي ٽي ايف، ڪورونا، ٻوڏ ۽ مختلف بحرانن ۾ مثالي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن.وزيراعظم جيو اڪنامڪس جي اهميت تي جنرل قمر جاويد باجوا جي ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته سمورين سياسي قوتن کي گڏيل حڪمت عملي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو.هن چيو ته جنرل قمر جاويد باجوا جي قيادت ۾ پاڪ فوج دهشتگردي جي عفريت کي ڪچلڻ لاءِ بهادري جو ڪردار ادا ڪيو.آرمي چيف سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته کيس دنيا جي بهترين فوج جي اڳواڻي جو اعزاز حاصل آهي.هن پاڪ فوج، قومي دفاع ۽ قومي مفادن لاءِ جنرل قمر جاويد باجوا جي خدمتن کي ساراهيو.شهباز شريف چيو ته جنرل قمر جاويد باجوا تاريخ جي مشڪل مرحلي ۾ پاڪ فوج جي قيادت ڪئي، هن پاڪستان جي دفاع کي ناقابل تسخير بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.وزيراعظم وڌيڪ چيو ته جنرل قمر جاويد باجوا جي قيادت وارو ڪردار سڪيورٽي چيلينجز کي منهن ڏيڻ جي هدايت کي طئي ڪري ٿو.جنرل قمر جاويد باجوا قومي معاملن تي عملدرآمد ۾ ڀرپور سهڪار تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.

پهنجو تبصرو موڪليو