آصف زرداري سان ايم ڪيو ايم جي وفد جي ملاقات جي اندروني ڪهاڻي

آصف زرداري سان ايم ڪيو ايم جي وفد جي ملاقات جي اندروني ڪهاڻي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي وفد جي ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي.ذريعن موجب اجلاس ۾ سينيٽ ۾ ممڪنه عدم اعتماد واري رٿ تي غور ڪيو ويو ۽ تحريڪ انصاف جي وقت تي به غور ڪيو ويو.ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم آصف زرداري کي هر ممڪن تعاون ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ جو يقين ڏياريو.اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته قومي حڪومت ۾ سڀني کي گڏ وٺي رهيا آهيون ۽ اها اسان جي ڪاميابي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو