اسلام آباد(بيورو رپورٽ)بچاءَ واري وزير ۽ مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ خواجا آصف جو چوڻ آهي ته عمران خان جا سمورا خواب ٽٽي ويا، هاڻي کيس خواب به هوندا.خواجا آصف هڪ ڀيرو ٻيهر اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي نشانو بڻائيندي سندس اسيمبليون ٽوڙڻ واري بيان تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته عمران خان ڪوڙو وڪرو ڪري رهيو آهي ته اسيمبليون ٽوڙڻ سان چونڊن ۾ 5 سالن لاءِ حڪومتون ملنديون. خواجا آصف وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن چونڊون وقت تي ٿينديون ته هو 2 صوبائي حڪومتن سان گڏجي مرڪز جي اليڪشن چوري ڪندا، عمران خان جا سمورا خواب ٽٽي ويا، هاڻي کيس خواب ڏسڻا پوندا.










