فيشن ڊيزائنر محمود ڀٽي جو انسانيت جي خدمت ڇڏڻ جو اعلان

لاهور(ويب ڊيسڪ)ايوارڊ ماڻيندڙ مشهور فيشن ڊيزائنر محمود ڀٽي جو چوڻ آهي ته هن انسانيت جي خدمت ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي، ڊسمبر کان سندس سموريون خيراتي سرگرميون ختم ٿي وينديون.هالي ڪاليج آف ڪامرس ۾ تقريب کي خطاب ڪندي فيشن ڊيزائنر محمود ڀٽي چيو ته فلاحي ڪمن تي سندس خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا ۽ گرفتاري وارنٽ پڻ جاري ڪيا ويا. محمود ڀٽي چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي زمينن تي قبضا آهن جيڪي غريبن لاءِ سرگرم آهن، هڪ وڪيل يتيم خاني جي زمين تي قبضو ڪيو، جنهن خلاف ڪا به ٻڌڻي نه ٿي ۽ ڪيس ٻيهر هليو ويو.فيشن ڊزائنر چيو ته جيڪڏهن مارچ تائين انصاف نه مليو ته بک هڙتال تي ويندس، احتجاج طور ستارا امتياز به واپس ڪري رهيو آهيان، چيف جسٽس آف پاڪستان تائين پنهنجي التجا پهچائيندس.تقريب دوران محمود ڀٽي هال ڪاليج ۾ آرٽ ۽ اڪائونٽنگ مقابلن ۾ نمايان پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن ۾ انعام ورهايا ۽ پوزيشن هولڊر شاگردن کي نقد انعام پڻ ڏنا.

پهنجو تبصرو موڪليو